پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس 2024 کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته صدارتي آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي، صدارتي آرڊيننس ذريعي سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي گهٽ يا وڌ نٿو ڪري سگهجي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته عدالت صدارتي آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏئي.واضح رهي ته صدر آصف زرداري جي صحيحن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ترميمي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس 2024 لاڳو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو