پسند جو پرڻو گناه ناهي، با اثرن کان تحفظ ڏياريو وڃي

راڻيپور (ن س ) ڳوٺ نواڙو جا رھائشي مسمات گلزار ڄامڙو ۽ نوجوان غلام مصطفىٰ اوٺي عدالت جي حڪم بعد تحفظ لاء صحافين آڏو دانھيندي وس وارن کي تحفظ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.  مسمات گلزار خاتون چيو ته مان عاقل ۽ بالغ انٽر پاس ۽ پنھنجي زندگي جو برو ڀلو سوچيندڙ آھيان، چار مھينا اڳ منھنجي ڀائرن عطاالله.۽ عبيدالله سخت مارڪٽ ڪري تشدد ڪيو. جنهن کان پوء ھڪ ضعيف العمر پوڙھي شخص سان پئسن عيوض شادي ڪرائڻ چاھين پيا جيڪا مون کي قبول نه ھئي جنھن سبب وجھ وٺي رات جي اونداھي ۾ تحفظ لاء صوڀوديرو ٿاڻي تي پھتس .پوليس مون کي خير پور جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي مون گذارش ڪئي ته منھنجي زندگي تباه ٿيڻ کان بچائي اڳ ٿيل خانداني رشتن ۾ ڪنھن نوجوان سان شادي ڪرائي وڃي ماء پئ جي رضامندي سان عدالتي حڪم تي غلام مصطفىٰ سان شادي ڪرائي وئي جنھن تان ڪجھ بااثر ماڻھون مڇرجي پيا جن پنج لک روپيه وٺڻ جي گھر ڪئي نه ڏيڻ تان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا.هن چيو ته با اثر ماڻهون  پوليس ذريعي تنگ ڪن ٿا. ھن الزام هنيو  ته محمد پٺاڻ جتوئي سندس پٽ قاصر نواز .مسمات زرينه، اسدعلي ۽ ٻين بااثرن مان مونکي ۽ منھنجي مڙس جي جان کي خطرو آھي مون حق نڪاح ڪري ڪو گناه ناهي ڪيو. منهنجا والدين به راضي آھن پر بااثر ظالمن جي ظلم کان دربدري واري زندگي گذاري رھي آھيان . هن آئي جي سنڌ ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو