ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پي ايس ايل 6 جي ميچ ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي ملتان سلطان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ ملتان وارن 20 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنز ٺاهيون. زلمي وارن هڪ اوور باقي هو ته 197 رنز ٺاهي 6 وڪيٽن تان ميچ کٽي ورتي. هن مهل تائين جي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ ڪپتان رضوان 41، جيمز ونس 84 ۽ صهيب مقصود 36 رنز ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيا. جيمز ونس 55 بالن تي 9 چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان 84 اسڪور ڪيو. زلمي طرفان ثاقب محمود 2، عرفان ۽ عمران هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جوابي بيٽنگ ڪندي زلمي جي اوپنرز ڪامران اڪمل ۽ امام الحق بهترين بيٽنگ ڪندي ٻن اوورز ۾ ته 12 رنز ٺاهيون پر ان بعد ڪامران اڪمل هارڊ هٽنگ شروع ڪئي ۽ شاهد آفريدي سميت سڀني بالرن جي ڌلائي ڪئي پر عثمان قادر پهرين ئي اوور م کيس 37 رنز تي ايل بيڊبليو ڪيو. امپائر عليم ڊار آئوٽ نه ڏنو پر رضوان رويو ورتو ۽ ان ۾ اڪمل آئوٽ ٿيو. ٽوم ڪوهلر پهرين ميچ ۾ اڪمل جي هٽنگ جو انداز جاري رکيو ۽ اسڪور 134 تي پهتو ته امام الحق 48 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. زلمي ۽ سلطان کي پهرين ميچز ۾ شڪست ملي هئي. زلمي کان لاهور قلندر کٽي وئي هئي. ملتان وارن کي اسلام آباد شڪست ڏني هئي. حيدر علي ٻن چڪن ۽ ٻن ڇوڪ جي مدد سان 8 بالن تي 24 رنس اسڪور ڪري ميچ کٽائي ورتي. شعيب ملڪ 5 بالن تي 11 رنز ٺاهي حيدر علي سان گڏ ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ ردرفورڊ 6 بالن تي 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو هو. ملتان پاران شاهنواز ڏاهاڻي جيڪو شڪارپور جو آهي تنهن هڪ اوور ۾ 2 وڪيٽون ورتيون. هڪ وڪيٽ عثمان قادر ورتي. مين بالر سهيل تنوير 3 اوورز ۾ 40 رنز ڏنيون ۽ ڪا وڪيٽ نه ورتي.
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار