پشاور جي ڪوئٽا کي 3 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي اٺين ميچ ۾ پشاور زلمي هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ ڪوئٽا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. وهاب رياض ٽاس کٽي ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ 20 اوورز م ڪپتان سرفراز احمد جي 81 رنز جي شاندار اننگ سبب 198 رنز ٺاهيون. صائم ايوب ۽ ڪيمرون ڊيلپورٽ اوپننگ ڪئي ۽ 15 جي مجموعي اسڪور تي ڊيلپورٽ کي محمد عمران آئوٽ ڪيو، جنهن صرف 2 رنز ٺاهيون، جنهن بعد ڪرس گيل جاءِ تي انٽري وٺندڙ ڏکڻ آفريقا جو فاف ڊيوپليوسي آيو، صائم ايوب 48 جي مجموعي اسڪور تي 19 بالن تي 21 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڊيوپليسي 26 بالن تي 4 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 37 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڪپتان سرفراز آيو جنهن زبردست بيٽنگ ڪئي ۽ اعظم خان سان 105 رنز جي شاندار پارٽنر شپ قائم ڪندي وهاب رياض جي آخري اوور ۾ 3 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو هڻي 81 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو.

اعظم خان وهاب رياض کي پندرهين اوور جي ٻئي بال تي بلند ترين ڇڪو هنيو ۽ بال ڇت تي رهجي ويو، آخري اوور ثاقب محمود ڪرايو ۽ ابتدائي ٻن بالن تي ٻه وڪيٽ ورتيون، اعظم خان کي 26 بالن تي 47 رنز ٺاهڻ بعد ڪيچ ڪرايو ۽ بين ڪٽنگ زيرو تي موٽيو، ثاقب جي هيٽ ٽرڪ ته نه ٿي پر ٻن بالن جي وقفي بعد هڪ اوور ۾ ٽئين وڪيٽ محمد نواز جي به ورتي، جيڪو ٻن بالن تي 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، پشاور زلمي جي ڪپتان وهاب رياض کي وڌيڪ مار پئي ۽ هن 54 رنز ڏ؟ي 2 وڪيٽون ورتيون، ڪامياب بالر ثاقب محمود هو جنهن 3 وڪيٽون ورتيون، ڪامران اڪمل ۽ امام الحق محطاط انداز ۾ جوابي بيٽنگ ڪندي ٻوٽو نه ٻاريو، ڪامران 8 بالن تي 3 رنز اسڪور ڪري جلدي آئوٽ ٿي ويو، امام الحق 41 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو ۽ 9.2 اورز ۾ پشاور جا 3 رانديگر آئوٽ ٿيا، حيدر علي ۽ هربجن اسٽائيل ۾ مٿي تي ڪارو رومال ٻڌي آيل شعيب ملڪ بيٽنگ شروع ڪئي ۽ 10 اوورز م 83 تي 3 آئوٽ هئا.ٻنهي هٽنگ جي ڪوشش ڪئي پر ٻارهين اوور جي پهرين بال تي يقيني ڇڪو ڪوئٽا وارن روڪي ورتو، 11.3 تي 97 رنز تي چوٿين وڪيٽ ڪري پر بيٽنگ وارن روويو ورتو ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، حيدر علي ۽ امام الحق 85 رنز جي شراڪت ڪئي ته امام 79 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو، حيدر علي 5 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي ۽ آئوٽ ٿيو، شعيب ملڪ زبردست هٽنگ ڪئي ۽ 34 رنز اسڪور ڪري بين ڪٽنگ کي وڪٽ ڏني ان وقت مجموعي اسڪور 145 هو، جنهن بعد ڪپتان وهاب رياض ۽ روٿرفورڊ جارحاڻي انداز ۾ ٽيم کي کٽڻ لاءِ سهارو ڏنو، پشاور زلمي 19.3 اوورز ۾ 202 اسڪور ڪري ٽن وڪيٽن تان ڪوئٽا کي شڪست ڏني. آخري اوور ۾ حسنين وهاب کي بولڊ ڪيو پر ٻيو بال وائڊ ڪيو جنهن تي مفت جا 5 رنز پشاور کي مليا ۽ اڳئين بال تي روٿروفورڊ چوڪ هڻي کيل ختم ڪيو. هي پي ايس ايل 6 جو ڪنهن اننگ جو وڏي ۾ وڏي اسڪور هو.

پهنجو تبصرو موڪليو