پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٽن ايڊيشنل ججن کي مستقل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٽن ايڊيشنل ججن کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.جسٽس ڪامران حيات ميان خيل، جسٽس محمد اعجاز خان ۽ جسٽس محمد فهيم ولي کي ايڊيشنل جج طور مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.صدر وزيراعظم جي مشوري تي آئين جي آرٽيڪل 175 اي 13 تحت پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ججن کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو