لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي پلي آف جي اهم ميچ ۾ پشاور ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون. ڪامران اڪمل ۽ شعيب ملڪ ففٽيون هنيون. جواب ۾ اسلام آباد 5 وڪيٽن جي نقصان تي اسڪور پورو ڪري ڇڏيو.
آخري اوور جي پهرين بال تي اعظم خان ايل بي ڊبلوي ٿيو ان وقت 5 بالن تي 10 رنز گهربل هيون ليم ڊاسن ٻن بالن تي اڳ ۾ ڇڪو ۽ پوءِ چوڪو هڻي گيم کٽي ورتي، اڃا 3 بال باقي هئا. اسلام آباد هاڻي لاهور سان سڀاڻي پلي آف ميچ کيڏندي ۽ جيڪو کٽيندو اهو ملتان سان فائنل کيڏندو. . اسلام آباد ۾ ايلڪس هيلز واپس آيو ۽ هن هن ول جيڪس سان گڏ اننگ شروع ڪئي. ول جيڪس هڪ چو ڪو هني 8 بالن تي 11 رنز ٺاهي خالد عثمان جي بال تي بولڊ ٿيو.شاداب 22 ۽ اعظم خان28 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. آصف علي ٻيهر ناڪام رهيو، فهيم اشرف 19 ۽ ليم ڊاسن ٻن بالن تي 10 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ايلڪس هيلز 3 ڇڪن ۽ 6چوڪن جي مدد سان49 تي 62 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. وهاب رياض بنا وڪيٽ 4 اوورز ۾ 52 رنز ڏنيون.
حسن علي 3، فهيم ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پشاور حضرت الله زازئي کي نه کيڏايو، ڪامران اڪمل ۽ محمد حارث اننگ اوپن ڪئي، پشاور کي پهريون نقصان چوٿين اوور ۾ 30 جي مجموعي اسڪور تي ان مهل ٿيو جڏهن 12 رنز ٺاهي محمد حارث فهيم اشرف جي بال تي آصف علي هٿان ڪيچ ٿيو، 58 جي اسڪور تي سندن ٻئي وڪيت ياسر خان جي ڪري جيڪو 8 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي ليم داسن هٿان ڪيچ ٿيو.98 جي مجموعي اسڪور تي ڪامران اڪمل 39 بالن تي 58 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي وقاص مسعود هٿان ڪيچ ٿيو. 154 تي حسين طلعت جنهن شعيب ملڪ سان گڏ 50 جي پارٽنرشپ ٺاهي، 5 چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 28 رنز اسڪور ڪري حسن علي جي بال تي اطهر محمود هٿا ڪيچ ٿيو. آخري اوور ۾ شعيب ملڪ43 بالن تي 55 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي ول جيڪس هٿان ڪيچ ٿيو. پشاور 20 اوورز م 169 رنز ٺاهي 170 جو ٽارگيٽ ڏنو.