لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 7 جي 30هين ميچ ۾ پشاور زلمي لاهور قلندرز کي کٽڻ لاءِ 159 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، لاهور ميچ برابر ڪري گيم کي سپر اوور ۾ پڄايو، سپر اوور ۾ لاهور 5 رنز ٺاهيون، پشاور جي محمد حارث ۽شعيب ملڪ بيٽنگ شروع ڪئي، شعيب ملڪ شاهين آفريدي ي ابتدائي ٻن بالن تي 2 چوڪا هڻي ميچ کٽي ورتي. ڪوئٽا آئوٽ ٿي وئي ٽاپ فور ۾ پشاور ڪواليفاءِ ڪري وئي. ان کان اڳ جواب ۾ لاهور به 20 اوورز ۾ ميچ برابر ڪري پي ايس ايل ۾ پهريون ڀيرو ميچ سپر اوور ۾ پهچائي. شاهين شاهه آفريدي 20 بالن تي 39 رنز ٺاهيون. لاهور پاران سپر اوور کيڏڻ فخر الزمان ۽ هيري بروڪ آيا، وهاب رياض اوور ڪرايو، پهرين بال تي هڪ رن ٺهي ٻيو بال مس ٿيو، ٽئين بال تي سنگل ٺهي، چوٿون بال فخر مس ڪيو، پهرين بال تي فخر هڪ رن ٺاهي، هيري بروڪ ٻيو بال مس ڪيو، ان کان اڳ لاهور جو ٽاپ بيٽر فخرالزمان شعيب ملڪ پنجين تي هڪ رن ٺهي ۽ ڇهين بال تي 2 رنز ٺهيون ۽ لاهور 5 رنز ٺاهيون. جي پهرين اوور جي پهرين بال تي ڪامران هٿا ڪيچ ٿيو. ٻيو اوپنر فل سالٽ به 14 رنز ٺاهي ارشد اقبال جي بال تي بولڊ ٿيو، ڪامران غلام 25 رنز ڍاهي ارشد جي بال تي ڪيچ ٿيو. جنهن بعد محمد حفيظ ۽ پوئين ميچ ۾ سينچري هڻندڙ هيري بروڪ مان لاهور کي وڏي اميد هئي پر بروڪ 2 رنز ٺاهي احمد بٽ جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، جنهن بعد سهيل اختر 19 ۽ ڊيوڊ ويزي هڪ رن ٺاهي آئوٽ ٿيا. ترتيبوار سندن وڪيٽون محمد عمر ۽ خالدعثمان کي مليون، جنهن بعد حفيظ جو ساٿ ڏيڻ ڪپتان شاهن آفريدي آيو، تيسين گهربل رن ريٽ 16هين اوور ۾ 12 ٿي چڪو هو، آخري 4 اوورز م 50 رنز گهربل هيون. آفريدي چوڪو ۽ ڇڪو هنيو ۽ 19هين اوور جي پهرين بال تي حفيظ ڇڪي جي چڪر ۾ 49 تي وهاب جي بال تي حارث هٿان بائونڊري تي ڪيچ ٿيو. ان بعد حارث رئوف به پهرين بال تي ڪيچ ٿي ويو، جنهن بعد شاهين آفريدي وڏي مشڪل حالتن ۾ 4 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 20 بالن تي 39 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهي ميچ برابر ڪري سپر اوور تائين گيم کڻي ويو. ان کان اڳ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ زلمي جي ڪپتان وهاب رياض ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پشاور زلمي پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 158 رنسون ٺاهيون، شعيب ملڪ 32 ۽ حيدر علي 25 رنسون ٺاهيون. ان کان علاوه حضرت الله زازي 20، ڪامران اڪمل 18 ۽ حسين طلعت 17 رنسون ٺاهيون، محمد حارث 6 ۽ ڪپتان وهاب رياض هڪ رنس ٺاهيون. لاهور قلندرز طرفان فواد احمد 2 جڏهن ته شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ محمد حفيظ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ سميت پشاور زلمي ۽ لاهور قلندرز پي ايس ايل 7 جي پلے آف لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتي آهي. قلندرز هن وقت 12 پوائنٽس سان ٻئين پوزيشن تي آهي جڏهن ته پشاور زلمي 10 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي، اڄوڪي ميچ جو نتيجو اهو طئي ڪندو ته پوائنٽس ٽيبل تي ڪير ٻئي ۽ آخري نمبر تي هوندو. ملتان سلطانز 18 پوائنٽس سان پهرين ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ 8 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي.
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ
درج ٿيل ڪيسن ۾ عمر ايوب کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
ڳالهيون اين آر او نه پر پاڪستان لاءِ ٿينديون: طلال چوڌري
پاڪستان آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي
ملڪه ترنم نور جهان کي جنم 24 سال گذري ويا
خدشو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي سگهي ٿو،آمريڪا