پشاور پاران پاڪستان ڪپ فائنل ۾ ڪراچي کي شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پشاور ريجن ڪراچي وائيٽس کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. راولپنڊي ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڪراچي وائيٽس جي بيٽنگ لائين فلاپ ٿي وئي، پشاور جي خلاف اڌ ٽيم 56 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ان کان پوءِ ڪپتان سرفراز احمد 22 ۽ اعظم خان 30 رنسون اسڪور ڪيون پر ٽيم 32 اوورن ۾ 103 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پشاور طرفان محمد عمران 4 ۽ عباس آفريدي 3 وڪيٽون ورتيون. هدف جي تعاقب ۾ محمد حارث 46 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ پشاور جي فتح کي آسان بڻائي ڇڏيو. پشاور 18هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو. محمد عمران کي فائنل جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو جڏهن ته حسيب الله کي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر ۽ صائم ايوب کي بهترين بيٽسمين، زاهد محمود ۽ عباس آفريدي کي ٽورنامينٽ جو بهترين بالر قرار ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو