پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڏي ڪارروائي ڪندي پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي مُک سهولتڪار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس اختر حيات پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته دهشتگرد محمد ولي پوليس ڪانسٽيبل ۽ انهي جو تعلق پابندي مڙهيل پارٽي الاحرار سان آهي، محمد ولي آپگهاتي حملو ڪندڙ کي پوليس لائنز ۾ ريڪي ڪرائي.هن چيو ته سهولتڪاري لاءِ جوابدار کي 2 لک روپيه مليا، نڀاڳي شخص پنهنجن ڀائرن جو سودو في ماڻهو 2 هزار روپين ۾ ڪيو، سمورا پئسا حواله هنڊي جي ذريعي آيا، جوابدار جون جڙون پنجاب تائين پکڙيل آهن.هن ٻڌايو ته دهشتگرد محمد ولي کي جميل چوڪ تان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار کان 2 آپگهاتي جيڪٽس به هٿ آيا، دهشتگرد افغانستان مان جيڪٽس، حمله آورن ۽ ڌماڪيدار مواد جي ورهاست ۾ به ملوث آهي. محمد ولي هڪ هفتي جي موڪل وٺي افغانستان ويو، ڪنهڙ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر صلاح الدين ۽ مڪرم خراساني سان ملاقات ڪئي.آءِ جي خيبرپختونخواهه چيو ته افغانستان مان واپسي تي افغان فورسز جوابدار کي گرفتار ڪيو، هينڊلر جنديد جي مداخلت تي محمد ولي کي افغان فورسز ڇڏي ڏنو، دهشتگرد آپگهاتي حملي جي اطلاع ٽيليگرام تي هينڊ لرجنيد کي ڏني. ياد رهي ته پوليس لائن پشاور جي مسجد ۾ 30 جنوري 2023ع تي آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ مسجد جي امام ۽ پوليس اهلڪارن سميت 72 نمازي شهيد ۽ 157 زخمي ٿي پيا هئا.
عمران خان 24 نومبر تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو
ويلڪم ٽو وائيٽ هائوس، ڊونلڊ ٽرمپ جي جو بائيڊن سان ملاقات
مني بجيٽ نه ايندي، ٽيڪس حدف 12 هزار 970 ارب برقرار رهندو
سنڌ حڪومت پاران “ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي” منظور
اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل
مطالبن جي منظوري تائين اسلام آباد مان واپس نه وينداسين
مراد شاهه سان قيصر شيخ جي ملاقات، سامونڊي مسئلن تي ڳالهيون
ارسا ايڪٽ رد،سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو قبول ناهي
آءِ ايم ايف اختياريون بسپ جي ڪارڪردگي مان مطمئن
ٻوڏ سبب 60 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو،واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم
پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ غير اخلاقي ويب سائيٽن تائين رسائي جو انڪشاف
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو
شاهه ڪوٽ ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا
گمبٽ ڀرسان نوجوان سولر لائٽ جي پول تان ڪـِري فوت ٿي ويو
سجاول جوڻيجو ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گهر واري ۽ نوجوان قتل
سوڀوديرو ويجهو نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنب ۾ ڪارروائي سوپاريون وڪرو ڪندڙ جوابدار گرفتار
اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي واري فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، ماءُ پٽ قتل، 2 ڄڻا زخمي
پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان