پشاور ۾ مسجد ٻاهران ڌماڪو، مفتي منير شاڪر مارجي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ مسجد ٻاهران ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ مفتي منير شاڪر دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب افطاري کان اڳ پشاور جي علائقي ارمڙ ۾ مسجد ٻاهران آءِ اي ڊي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ مفتي شاڪر سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي سان مسجد جي ڀت کي جزوي نقصان پهتو، جڏهن ته زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي مفتي شاڪر زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.پوليس موجب 3 زخمي علاج هيٺ آهن، جڏهن ته واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو