لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته پنجاب کي سڄي دنيا جي لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چين ۾ پنجاب بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته چين جي دوري دوران چيني اختيارين بهترين ميزباني ڪئي، چين جي ترقي اسان لاءِ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي باصلاحيت قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي. چين جي اڳواڻن ۽ مختلف ڪمپنين کان ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي، چيني حڪومت جي سياسي ڏاهپ ۽ ترقي سڀني لاءِ مشعل راهه آهي.مريم نواز چيو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ چين جون پاليسيون اهم آهن ۽ چيني واپارين کي پنجاب ۾ سرمائيڪاري جي لاءِ سهولتون ڏينداسين، ڏوراهين علائقن جي ترقي لاءِ چين جي ماڊلن کي اپنايو ويندو. هن چيو ته پنجاب کي سڄي دنيا جي لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين. پاڪستان ۽ چين جا ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. پنجاب بزنس ڪونسل ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته مان چيني حڪومت جي مهمان نوازي تي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان چين جي دوري ۾ ماحوليات جي بهتري لاءِ تريبيتي پروگرام بابت ڳالهيون ٿيون. جڏهن ته آءِ ٽي، زراعت، اي آءِ سميت مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان جي سياحت، سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ سرمائيڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو
حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون
پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري
پنجاب کي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي
جي ايڇ ڪيو ڪيس، شيرين سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو
دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي امن ۽ ترقي جو ضامن آهي : شاهه
پوليو خلاف مهم جو افتتاح،اين ايف سي وڌندو آهي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي