پنجاب ۾ اڄ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ اڄ به گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي.پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنجاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ گرمي پد 45 کان 50 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.ترجمان جو چوڻ آهي ته بهاولپور، رحيم يار خان، ڊيرا غازي خان ۽ ملتان ۾ سخت گرمي جي لهر ٿي سگهي ٿي.هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن خانپور ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ، رحيم يار خان، ڀکر ۾ 49 ۽ ڪوٽ ادو ۾ 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو.پي ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪالهه لاهور سميت ميداني علائقن ۾ گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو