لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) 166 انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪرڻ کان پوءِ 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، سرگوڌا، راولپنڊي، پاڪپتن، گجرات، چکوال، بهاولپور، بهاولنگر ۽ فيصل آباد ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا ويا، جنهن دوران 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان چيو ته ميانوالي ۾ ٽي ٽي پي جي هڪ خطرناڪ دهشتگرد کي ڌماڪيدار مادو سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيل شڪي ماڻهن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، ڊيٽونيٽرز، پمفليٽ، نقد رقم ۽ پرائما ڪارڊ هٿ ڪيا ويا.سي ٽي ڊي ترجمان موجب، شڪي ماڻهن جي سڃاڻپ حيدر سلطان، ولي رحمان، زبير، امين، اڪبر، مقصود خان، عمير، ظفر اقبال، ابراهيم قاسمي، محب الله ۽ صدام حسين جي طور تي ڪئي وئي آهي.
