پنجاب ۾ وفاقي طرز جو 2 ايواني نظام متعارف ڪرائڻ جي تجويز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ وفاقي طرز جو پارلياماني نظام متعارف ڪرائڻ جي قرارداد اڄ صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي.تفصيل موجب پنجاب ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي طرز تي پارلياماني نظام متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي ۽ ان لاءِ اڄ صوبائي اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ وفاق وانگر پنجاب ۾ به سينيٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.هي قرارداد مسلم ليگ (ن) جي سميع الله ۽ پيپلز پارٽي جي علي حيدر سميت ٻين ميمبرن تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري انگن اکرن موجب پنجاب جي آبادي 124 ملين ماڻهو آهي ۽ آبادي جي لحاظ کان پنجاب دنيا جي 171 ملڪن کان وڏو صوبو آهي. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت آئين ۾ ضروري ترميمن ذريعي پنجاب ۾ ٻہ ايواني نظام متعارف ڪرائي ۽ ان لاءِ صوبي ۾ هڪ اپر هائوس (سينيٽ) – پنجاب ڪائونسل – قائم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو