پنجاب ۾ ڊينگي جا 79 ڪيس رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر کاتي ڊينگي جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي.پنجاب جي صحت کاتي جي ترجمان موجب پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 79 ڪيس سامهون آيا آهن.ترجمان جو چوڻ هو ته هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي جا 1631 ڪيس سامهون آيا آهن.هن چيو ته 24 ڪلاڪن دوران راولپنڊي مان 69 ۽ لاهور مان 3 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.هن ٻڌايو ته فيصل آباد، گوجرانوالا، اٽڪ، ميانوالي، سرگوڌا ۽ رحيم يار خان مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو