پنجگور ۾ گهر تي فائرنگ، 7 مزدور مارجي ويا

ڪوئيٽا )ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ پنجگور جي علائقي خدا آباد ۾ هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني. مزدوري لاءِ آيل 7 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.ڊپٽي ڪمشنر پنجگور جو چوڻ آهي ته نامعلوم ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي.پوليس اختيارين موجب فوتين جا لاش ۽ زخمين کي پنجگور جي ضلعي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعلق پنجاب جي مختلف علائقن سان آهي.بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پنجگور ۾ مزدورن جي قتل جي مذمت ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ مير سرفراز بگٽي چيو ته بيگناهه پورهيتن جو قتل قابل مذمت آهي، بلوچستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن مزدورن تي حملو ڪيو آهي.بلوچستان جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بيگناهه شهرين جي قتل جو حساب ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو