پنج سالن جي پابندي آصف زرداري هٽرائي هئي، شعيب اختر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪٽر شعيب اختر انڪشاف ڪيو آهي ته مٿس لڳل 5 سالن جي پابندي صدر آصف علي زرادري هٽرائي هئي ۽ هو سندس شڪر گذار آهي. اهڙو انڪشاف هن اي آر واءِ جي پروگرام ايڪسٽرا اننگ ۾ وسيم بادامي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نسيم اشرف پي سي بي جو چيئرمين هو جنهن کي آصف علي زرادري چيو ته شعيب کي کيڏايو نه ته اوهان گهر ويندا. هن چيو ته ڪرڪٽ جو کيس شوق نه هو ننڍپڻ ۾ سندس ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ مسئلو رهندو هو. هڪ ساول تي هن چيو ته تيزترين بال ميڊيا جي دٻاءَ تي ڪرايو پر مونکي ان مهل ڪا گهڻي خوشي نه ٿي هئي. هن چيو ته آءِ پي ايل ۾ هڪ ميچ کٽرايم ته سڄي رات شاهه رخ خان نچندو رهيو هتي پاڪستان کي ايتريون ميچ کٽرايون جو ڪنهن کي ياد ئي ناهي ۽ ڪير پڇي به نٿو.هن چيو ته مان سياست ۾ دلچسپي نٿو رکان ۽ والدهه به اجازت نه ڏيندي. مان ميان نواز شريف ۽ عمران خان سميت سڀني جو مداح آهيان اميد ته عمران خان ملڪ کي بحران مان ٻاهر ڪڍندو. هن چيو ته مان اڌ فوجي آهيان ۽ يقين آهي ته راولپنڊي مان آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهان ته ڪامياب ٿي سگهان ٿو پر ايئن نه ڪندس. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت منطقي هجڻ گهرجي، فوج ۽ سياسي جامعتن ۾ مفاهمت ٿيڻ گهرجي. سهواگ جي بيان بابت هن چيو ته پيسا خدا ڏيندو آهي ڀارت ڇا ڏيندو؟ هن سان بعد ۾ ڳالهه ٿي هئي ۽ هو شڪايت ڪري رهيو هو جيڪڏهن الٽي ڳالهه ڪري ها ته کيس گرائونڊ ۾ ئي ماريان ها. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪرڪٽ بورڊ کي جارحاڻي مزاج جي سربراهه جي ضرورت آهي جيڪو احسان ماني جو ناهي. يونس خان بابت هن چيو ته کيس غلط ڪم تي کيس لڳايو ويو آهي هن کي نوجوان ڪرڪٽرن کي گُر سيکارڻ تي لڳايو وڃي ته بهتر ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو