ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي چيو آهي ته جهڙي طرح اوهان جو حق آهي ته پنهنجو ادارو صنعت واري وزارت سان رجسٽرڊ ڪرايو اهڙي طرح اسان جو به حق آهي ته اسان پنهنجو ادارو تعليم واري وزارت سان گڏ رجسٽرڊ ڪرايون.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا طاهر اشرفي چيو ته 2019 ۾ مدرسن کي تعليم واري وزارت سان جوڙيو ويو هو انهي تي خوشيون به ملهايون ويون، گڏيل مطالبو هو ته عربي جي مدرسن کي تعليم واري وزارت سان جوڙيو وڃي.هن چيو ته خوف پکيڙيو پيو وڃي ته ڪير ايندو ۽ مدرسن جو نصاب تبديل ٿي ويندو هتي هاڻ اهو ممڪن نه آهي، اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته عالم يا مڪاتب فڪر پاڻ ۾ آمهون سامهون آهن جهڙي طرح اوهان جو حق آهي ته پنهنجو ادارو صنعت واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرايو اهڙي طرح اسان کي به حق حاصل آهي ته اسان پنهنجو ادارو تعليم واري وزارت سان گڏ رجسٽرڊ ڪرايو، اسان جي تربيت گاريون يا ڪنهن تي آڱر کڻڻ جي نه آهي، اسان جو ڪنهن سان به جهيڙو نه آهي.مولانا طاهر اشرفي چيو ته مدرسن بابت معاهدي تي مولانا تقي عثماني، مفتي منيب ۽ ٻين عالمن جون صحيحون ٿيل آهن، صحيح ڪندڙ اهي سمورا عالم اسان جي لاءِ احترام جوڳا آهن اوهان جي اداري کي حڪومت بورڊ جي حيثيت ڏني، اسان اهو به مڃي رهيا آهيون ته اسان جي ادارن کي به بورڊ جي حيثيت ڏني وئي، اوهان انهي کي تسليم ڪريو مان پنهنجي حق جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان منهنجو حڪومت سان ڪوبه تعلق نه آهي.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو