پنهنجي پارٽي کي حڪومت کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ جي تجويز

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف پنهنجي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف کي تجويز ڏني آهي ته هو حڪومت کي ڳالهين لاءِ قائل ڪري،نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ باضابطا ڳالهيون اڃا شروع نه ٿيون آهن.بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته هن بار بار پارٽي کي حڪومت بدران اپوزيشن سان ڳالهين جو مشورو ڏنو آهي. پارٽي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر مخالف ڌر جي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. جيڪڏهن سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي آندو وڃي ته حڪومت پاڻ به ڳالهين لاءِ تيار ٿي ويندي.سول نافرماني بابت سوال تي ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان اڳواڻن جي راءِ سبب سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪئي.تحريڪ جاري آهي، سول نافرماني به جلد شروع ٿيندي.بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرڻ تي وڏو وزير توهين عدالت ۾ ويندو. اسان سياسي پارٽي آهيون، ڪڏهن مفاهمت ۽ ڪڏهن مزاحمت، مخالف جي ضد ۾ مزاحمتي سياست کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو