پنوعاقل،ريلوي ٽريڪ تان پوليس ڪانسٽيبل جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

پنوعاقل:( ن س) پنوعاقل ڀرسان دَادِلُوء ٿاڻي جي حد ۾ ريلوي ٽريڪ تان ڳُوٺ خُدا بخش واسي پوليس ڪَانسٽِيبُل اهلڪار ڪامران مِيرَاڻي جو جِسم کان مُنڊِي ڌَارَ ٿِيل (ڳَلُو ڪَپِيَل) لاش هٿ ڪيو ويو.اهڙي طلاع بعد دَادلُوء پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي ۽ لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ پنوعاقل تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي والد ھدايت اللّٰـه چيو ته منھنجو پُٽ سَکَر ۾ ڊِيوٽي ڪندو ھو ۽ 6 مهينن کان آئيس جي نَشِي ۾ مُبتَلا رھيو، جنهن سبب گهريلو زندگي پڻ متاثر ٿي رهي هئس، آئِيس جِھڙِي منشيات واپرائڻ جي ڪري سندس زال به 4 مھينن کان رستو الڳ ڪري ڇڏيو هو، پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. موت جو ڪارڻ ڳُجَهارت بڻجي وئي آھي خودڪشي يا قتل اِھو پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ حقيقتون معلوم ٿي سگھن ٿيون، اِيس اِيس پِي سکر پاران پوليس کي واقعي بابت صاف شفاف جاچ ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آھي، مقتول جو مَڙُھه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو