پنوعاقل ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه لکين رپين جو سامان ڦري فرار

پنوعاقل (ن س )پنوعاقل ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جا سونا زيور ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا. سانگي واري علائقي ۾ 4 اڻڄاتل هٿياربندن سوناري شمس الدين شيخ جي گهر مان 20 تولا سون، 2 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦري ويا. اطلاع تي سانگي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گهرڀاتين کان تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.گهرڌڻي شمس الدين شيخ ٻڌايو ته 4 هٿياربندن گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري ويا، ڪجهه ڏينهن اڳ به ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ٻئي طرف واپارين ۽ دڪاندارن پاران واقعي خلاف احتجاج طور پنهنجو ڪاروبار بند رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو