پنڊي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، علائقو جنگ بڻيل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ احتجاج جي لاءِ آيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون آهن. جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي.رپورٽ موجب پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان راولپنڊي ۾ ڪميٽي چوڪ تي لڳل ڪنٽينرز کي هٽايو ويو آهي. انهي موقعي تي ڪارڪن سخت نعريبازي ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ ڪميٽي چوڪ کان لياقت باغ طرف مارچ ڪري رهيو آهي. پوليس طرفان ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ شيلنگ شروع ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. مري روڊ، ڪميٽي چوڪ کان لياقت باغ جي علائقي ۾ پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وچ ۾ سخت چڪرين جو سلسلو جاري آهي. ڪارڪن پوليس تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن. صورتحال کي ڏسندي ئي پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي.پوليس طرفان ڳوڙها آيندڙ گئس جي شيلنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جا شيل ويجهن گهرن ۾ ڪرڻ سبب عورتن ۽ ٻارن جي حالت خراب ٿيڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته ڪيترائي ميڊيا جا نمائنده به شيلنگ جي زد ۾ اچي ويا آهن. ڪميٽي چوڪ ۾ پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ مقابلو جاري آهي. ڪارڪن نعريبازي ڪندي پوليس طرفان فائل ڪيل گس جا شيل واپس پوليس تي اڇلي رهيا آهن. انهي دوران رستي تان گذرندڙ ماڻهن جي به حالت خراب آهي. مري روڊ، ڪميٽي چوڪ کان لياقت باغ تائين صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وڏي انگ ريالنو چوڪ تي به پوليس تي حملو ڪيو آهي.تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن چائنا مارڪيٽ، ريالنو چوڪ ڪميٽي چوڪ کان مري روڊ تي نڪري آيا، پوليس سرڪاري گاڏين تان خطري جا سائرن وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ڪميٽي چوڪ، مريڙ چوڪ، چائنا مارڪيٽ تي پي ٽي آءِ ڪارڪن جمع ٿي چڪا آهن جڏهن ته پوليس اهڙن هنڌن تان مايوس واپس رواني ٿي چڪي آهي، پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون گرفتاريون پڻ شروع ڪري ڏنيون آهن.ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻنهي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ڪو ايڇ 13 وٽان گرفتار ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب بيرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا ايڇ 13 تان راولپنڊي وڃي رهيا هئا. چڪرين دوران پوليس طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ڪجهه دير بعد ئي ختم ٿي ويا. جنهن تي وڌيڪ نفري ۽ شيل طلب ڪيا ويا آهن. انهي موقعي تي ڊولفن پوليس طرفان به ڪارتوس هلايا پيا وڃن. جڏهن ته مري روڊ، ڪميٽي چوڪ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو