پهريان چيائون ڪئنال نه پيا ٺهن، هاڻي ٺهراءَ پيش ڪن ٿا، پليجو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته اسان ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهي رهيا آهيون ۽ هر دروازو کڙڪائينداسين، شاگردن کي تعليم، ميرٽ ۽ سائنس تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي. لاهور ۾ شاگردن جي ميڙاڪي کي خطاب دوران اياز لطيف پليجو سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن جي اڏاوت کي ملڪ جي بقا جو مسئلو قرار ڏيندي چيو ته سڀني کي هن اهم معاملي تي آواز اٿارڻ گهرجي.هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن چولستان ۽ ٻيا نوان ڪئنال ٺهيا ته سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو، جيڪو صوبي جي بقا لاءِ وڏي تباهي هوندي. هن چيو ته ملڪ ۾ گورننس ۽ آئين جي بالادستي جو بحران وڌي رهيو آهي، جڏهن ته حڪمران عوام، روزگار، زراعت ۽ پاڻي جي مسئلن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ظلم ۽ زيادتيون جاري آهن ۽ مئنڊيٽ چوري ڪيو ويو، آئين کي نقصان رسائڻ جو مطلب عوام جو نقصان پهچائڻ آهي. اياز لطيف پليجو سنڌ جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته لينڊ مافياز ۽ قبضا گروهن کي سنڌ حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت اقتداري مفادن خاطر عوامي حقن تان هٿ کڻي چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته نون ڪئنالن تي ڪم جاري آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت هاڻ سچ ڳالهائي رهي آهي ته اڳي ڇو چوندي رهي ته نوان ڪئنال نه پيا ٺهن؟اياز لطيف مطالبو ڪندي چيو ته بندرگاهه، گئس، ڪوئلو ۽ پيٽرول ڏيندڙ سنڌ کان پاڻي ۽ ٻيا وسيلا نه کسيو. هن وڌيڪ چيو ته مسئلن جو حل پابنديون ۽ ٽڪراءُ نه پر منصفاڻي، روادار ۽ جمهوري فيڊريشن ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو