پهرين ملڪ جو سوچيو، ڪنهن کي جيل ۾ وجهڻ جو نه سوچيو

سکر (ن س )سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پهرين ملڪ جو سوچيو، ڪنهن کي جيل ۾ وجهڻ جو نه سوچيو،سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خبر ناهي پي ٽي آءِ سول نافرماني جي ڪال ڏني يا واپس ورتي، مان پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهيان،هن چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ چئني صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي پاڻي تي ڪينال جي معاملي تي سي سي آءِ ۾ ڪيس موجود آهي پر ڪينالن تي ڪم نه ٿي رهيو آهي،مراد علي شاهه چيو ته اسان شهيد جان محمد کي نه وساريو آهي ۽ نه وسارينداسين،قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، شڪارپور جي ڪچي ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترائي ڌاڙيل مارجي ويا آهن، هن چيو ته چيف سيڪريٽري کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن،جيڪڏهن صاف ٿيل علائقن ۾ روڊن، اسپتالن ۽ اسڪولن جي ضرورت آهي ته ان تي ڪم ڪيو وڃي.

وڏي وزير جو پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ شهرين جا در در وڃڻ لڳو
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر جي دوري جي شروعات گهر گهر پوليو جي خاتمي واري مهم سان ڪئي.وڏي وزير دروازو کڙڪايو ۽ رهواسين جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ چيو.ان موقعي تي هن هڪ ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پڻ پياريا،مراد علي شاهه چيو ته پوليو جا ڦڙا پيارڻ سان ٻارن جو صحتمند مستقبل يقيني آهي،مراد علي شاهه چيو ته مهم ۾ شامل ٿيڻ پوليو ٽيم کي خراج تحسين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو