پاڪستان، هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 245 رنز، امام جي سينچري

راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن جي راند ۾ پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهي پوزيسن بهتر ڪري ورتي. پهرين ڏينهن جي راند اوورز بعد پڄاڻي تي پهتي. امام الحق 132 ۽ اظهر علي 64 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي ۽ قومي ٽيم کي پهريون نقصان 105 رنسن تي ٿيو جڏهن عبدالله شفيق ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ۾ ناٿن ليون جي بال تي پيٽ ڪمنز هٿان ڪيچ ٿيو، هن 44 رنسن جي اننگز کيڏي. امام الحق شاندار بيٽنگ ڪندي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي، سندس اننگز ۾ 2 ڇڪا ۽ 13 چوڪا شامل هئا. قومي ٽيم ۾ بابر اعظم کانسواءِ محمد رضوان نائب ڪپتان، امام الحق، عبدالله شفيق، اظهر علي، فواد عالم، افتخار احمد، ساجد خان، نعمان علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ نسيم شاهه شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو