راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جو پهريون سيشن گذريل رات تيز برسات پوڻ سبب گرائونڊ ۾ پاڻي بيهڻ ۽ پچ آلي ٿي وچڻ سبب سومر ڏينهن راند دير سان شروع ٿي. آسٽريليا 7 وڪيٽن تي 449 رنز اسڪور ڪيون ۽ پاڪستان جي پهرين اننگ جي ٽريل 27 رنز رهجي وئي آهي. مارنس 90 ۽ اسٽيو سمٿ 78 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيا.ڪيمرون گرين 48 ۽ اليڪس ڪيري 19 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيا. پاڪستان جو ڪامياب بالر نعمان علي رهيو جنهن 4 وڪيٽون ورتيون. مچل استارڪ ۽ پيٽ ڪمنز ناٽ آئوٽ آهن ۽ ڪيريز تي موجود آهن. 3 مارچ تي شروع ٿيل ميچ جي ٻن ڏينهن ۾ پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 472 رنز ٺاهڻ بعد اننگ ڊڪليئر ڪري آخري سيشن ۾ آسٽريليا کي بيٽنگ جو موقعو ڏنو هو آسٽريليا ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 271 رنز ٺاهيون جنهن بعد ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن گهٽ روشني سبب ميچ متاثر ٿي، ان بعد بارش سبب به ميچ ڪافي متاثر رهي آهي. جنهن بعد امڪان آهي ته پهرين ٽيسٽ ڊرا ٿي ويندي. عثمان خواجا 97 رنز تي نعمان جي بال تي امام الهق هٿان ڪيچ ٿيو ۽ ڊيوڊ وارنر 68 جي ذاتي اسڪور تي ساجد خان بولڊ ڪيو هو. مارنس ليبسچيجن 69 ۽ اسٽيو سمٿ 24 تي ناٽ آئوٽ ڪيريز تي موجود آهي. ان کان اڳ پاڪستان ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پهرين ڏينهن عبدالله شفيق 44 رنز تي ڪيچ ٿيو هو ۽ ٻئي ڏينهن امام الحق ۽ اظهر علي ڊبل سينچريون ٺاهڻ ۾ ناڪم ٿيندي ترتيبوار 157 ۽ 185 تي آئوٽ ٿيا هئا ۽ بابر اعظم 36 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو هو. جنهن بعد محمد رضوان 29 ۽ محمد افتخار 13 رنز تي ناٽ آئوٽ هئا ته پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 472 رنز تي اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ