پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ پهريون ميچ برسات جي ڪري رد ڪيو ويو. رات 10.10 تي امپائر احسن رضا ۽ عليم ڊار ميچ کي پنج پنج اوور تائين محدون ڪيو، راند شروع ٿي ته شاهين آفريدي ٻن بالن تي 2 رنز ڏئي وڪيٽ ورتي ته وري برسات تيز ٿي وئي ۽ ميچ ڪينسل ڪئي وئي. 5 ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ جي ٽاس ۾ اڌ ڪلاڪ دير ٿي، جنهن بعد ٽاس ٿيو ته مهمان ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. بابر چيو ته اهو بهتر ٿيو ۽ اسين تاس کٽون ها ته بالنگ ڪريون ها. ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ رانديگر ميدان م آيا. شاهين آفريدي پهريون اوور ڪرائڻ لاءِ تيار بيٺو هو ته برسات شروع ٿي وئي ۽ رانديگر پويلين موٽي ويا. گرائونڊ اسٽاف پچ ۽ ميدان کي ترپالن سان ڍڪي ڇڏيو. پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ 3 رانديگر ڊيبيو ڪري رهيا آهن، جن ۾ عثمان خان، عرفان نيازي ۽ ابرار احمد شامل آهن. انهن کانسواءِ ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان، صائم ايوب، افتخار احمد، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ محمد عامر شامول آهن. هن سيريز جا ابتدائي 3 ميچ راولپنڊي ۾ ٿيندا ۽ 2 ميچ لاهور ۾ کيڏيا ويندا. ڪراچي ۾ ڪو به ميچ ان ڪري نه ٿيندو ته هتي ويسٽ انڊيز جي عورتن واري ٽيم دوري تي آيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو