پهرين ٽي ٽوئنٽي بارش سبب بنا نتيجي ختم

مانچسٽر(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ پاڪستان ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو پهريون ميچ بارش سبب بنا نتيجي ختم ٿي ويو. ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي انگلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. انگلينڊ 17.1 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 131 رنز ٺاهيون ته بارش شروع ٿي وئي. جوني بيئر اسٽو ۽ بينٽن بيٽنگ شروع ڪئي ته جوني کي عماد وسيم پنهنجي بال تي ڪيچ ڪري ميچ جي ابتدا ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ڊيوڊ ملان کي حفيظ ۽ شاداب جي بهترين فيلڊنگ سبب رن آئوٽ ڪيو پر اسڪور 74 تي پهچي چڪو هو.بينٽن 4 چوڪن ۽ 5 ڇڪن جي مدد سان 71 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. مورگن جي وڪٽ افتخار کي ملي ۽ رضوان، معين کي ڪيچ ۽ گريگوري کي اسٽمپ آئوٽ ڪيو. معين جي وڪيٽ شاداب کي ملي ۽ هن وڪيٽن جي نصف سينچري مڪمل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو