پهرين ٽي ٽوئنٽي نيوزيلينڊ کي 88 رنز تان شڪست

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان ڏنل 183 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ ڪيوي ٽيم 94 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ گرين شرٽس 88 رنسن تان ميچ کٽي ورتي. لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي، محمد رضوان 8 ۽ ڪپتان بابر اعظم 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ان کانپوءِ فخر زمان ۽ وسيم ايوب ذميواراڻي اننگز کيڏي ۽ 79 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، پر 109 جي مجموعي اسڪور تي سعيم ايوب 47 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، پوءِ شاداب 5، افتخار زيرو تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. فخرزمان به 47 رنسون ٺاهي سوڍي جو شڪار ٿيو، عماد وسيم 16 رنسون، شاهين هڪ، فهيم اشرف 22 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. پاڪستان جي پوري ٽيم آخري اوور ۾ 182 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. نيوزيلينڊ جي ميٽ هينري پنهنجي ٽئين اوور جي پنجين، ڇهين ۽ پهرين بالن تي وڪيٽون وٺي پاڪستان خلاف هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪئي. هينري شاداب خان، افتخار احمد ۽ شاهين شاهه آفريدي کي آئوٽ ڪيو. ان کان علاوه ايڊم ميل ۽ بين ليسٽر 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. پاڪستان جي 183 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ نيوزيلينڊ جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي، چاڊ بوز 1، ول ينگ 2 ۽ ڊيرل مچل 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ڪيوي بيٽسمين پاڪستاني بالنگ جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ پوري ٽيم 16 هين اوور ۾ 94 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي طرح 88 رنسن تان هارائي وئي. نيوزيلينڊ طرفان مارڪ چيپمين 34 ۽ ٽام ليٿم 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. گرين شرٽس طرفان حارث رئوف 4، عماد وسيم 2 جڏهن ته شاهين، زمان، فهيم اشرف ۽ شاداب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ميچ دوران عماد وسيم بائونڊري تي فيلڊنگ ڪري رهيو هو ته تماشائن نعريبازي شروع ڪئي ته عماد کي اوور ڏيو، عماد مسڪرائي پئٽي ڏسي کين هٿ ٻڌا. جنهن بعد عماد کي صرف هڪ اوور مليو ته هن 2 رنز ڏئي 2 وڪيٽون وٺي نيوزيلينڊ جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. حارث رئوف کي 4 وڪيٽن واري شاندار بالنگ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. بابر هن ميچ ۾ 100 ميچز پوريون ڪيون ۽ شاداب 100 وڪيٽون پوريون ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو