برسبين(ويب ڊيسڪ) 94 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي اڌ ٽيم 16 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. صاحبزادا فرحان پهرين اوور ۾ 2 چوڪا هڻي آ.وٽ ٿيو، ٻئي اوور م رضوان به بنا رن ٺاهڻ جي ڪيچ ٿي ويو. عثمان خان هڪ چوڪو هڻي ڪيچ ٿي ويو، بابر اعظم 3 رنسون ٺاهي ڪيچ ٿيو، سلمان آغا به هڪ چوڪو هڻي ڪيچ ٿي ويو، عرفان نيازي بنا رن ٺاهڻ جي ڪيچ ٿيو، حسيب الله خان 8 بالن تي هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هڻي 12 رنسن تي ڪيچ ٿيو. عباس آفريدي ۽ شاهين آفريدي اسڪور اڳتي وڌايو. شاهين آفريدي 6 بالن تي هڪ ڇڪي جي مدد سان 11 رنسون ٺاهي ايڊم ذمپا جي بال تي بولڊ ٿي. اڳئين بال تي زمپا نسيم شاهه کي زيرو تي بولڊ ڪيو. پاڪستان 7 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 64 رنسون ٺاهي 29 رنسن تان ميچ هارائي. ان کان اڳ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ اڄ برسبين ۾ کيڏي وئي، بارش سبب ميچ کي 7 اوورز تائين محدود ڪيو ويو. پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي آسٽريليا 93 رنز ٺاهيون.آسٽريليا طرفان ون ڊائون تي بيٽنگ لاءِ آيل گلين ميڪسويل 19 بالن تي 43 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ 5 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا. پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ جڏهن ته عباس آفريدي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان طرفان حسيب الله ۽ سلمان علي آغا آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪيو. ٻئي طرف آسٽريليا جو ميچل اسٽارڪ، جوش هيزل ووڊ، مستقل ڪپتان مچل مارش ۽ اوپنر ٽريوس هيڊ نه پيا کيڏن ۽ سندن اڌ ٽيم نون رانديگرن تي مشتمل آهي. جي خدمتن کان سواءِ هوندو، جوش انگلز سيريز ۾ آسٽريليا جي قيادت ڪندا. وڪٽ ڪيپر بيٽسمين جوش انگلس ڪپتاني ڪري رهيو آهي.
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي آپريشن ۾ 2 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو