پهرين ٽي 20 ۾ پاڪستان کي شڪست،حسنين ۽ عمر جا عالمي رڪارڊ

لاھور(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا پھرين ٽي 20 ميچ ۾ 64 رنز تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي آھي. پاڪستان جي بيٽنگ لائن بري طرح ناڪام ٿي وئي. عمر اڪمل زيرو تي، احمد شھزاد ۽ بابر اعظم بھ ٻوٽو نھ ٻاريو، سرفراز بھ ڌوڪو ڏئي ويو.هن 24 رنز ۽ افتخار 25 رنز ٺاهيون، ٽن رانديگرن کانسواءِ ڪو به ڊبل فگر ۾ نه آيو.  ڪو پليئر ھڪ بھ ڇڪو نھ ھڻي سگھيو. پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ مھمان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، 20  اوورز ۾ ھنن 165 رنز ٺاھيون. اوپنر گوناٿلاڪا 57 رنز جي شاندار اننگ کيڏي. محمد حسنين هيٽ ٽرڪ ڪئي پر سڄي ٽيم 101 رنز تي ڍير ٿي وئي. حسنين سڀني کان ننڍي عمر ۾ هيٽ ٽرڪ ڪرڻ وارو پهريون و رانديگر بڻجي ويو.

جڏهن ته حسنين جي عمر 19 سال 183 ڏينهن آهي. ٽي ٽوئنٽي ۾ ٽي ٽي ڀيرا هيٽ ٽرڪ جو اعزاز سريلنڪا جي ٻن بالرن ملنگا ۽ پريرا وٽ آهي. جڏهن ته ٻه ٻه ڀيرا هيٽ ٽرڪ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وٽ آهي، آسٽريليا ۽ افغانستان هڪ هڪ ڀيرو  ٽي 20 م هڪ هڪ ڀيرو هيٽ ٽرڪ ڪئي آهي. ياد رهي ته دنيا ۾ ٽي 20 رينڪنگ ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي آهي ۽ سريلنڪا 8 نمبر تي آهي. هن ميچ ۾ عمر اڪمل شاهد آفريدي جو زيرو تي آئوٽ ٿيڻ جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. آفريد 99 ميچز ۾ 8 ڀيرا زيرو تي آئوٽ ٿيو هو عمر اڪمل 83 ميچز ۾ 9 ڀيرا زيرو تي ۽ پهرين بال تي آئوٽ ٿي آفريدي جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو