ورلڊڪپ ۾ پهريون ڀيرو 3 پاڪستاني امپائرنگ ڪندا

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي امپائر عليم ڊار چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو ٽي پاڪستاني امپائر فرض سرانجام ڏيندا.پي سي بي جي پوڊ ڪاسٽ ۾ عليم ڊار ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊيل پاڪستاني امپائرز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مان ڊي آر ايس ٽيڪنالوجي سان آرام محسوس ڪري رهيو آهيان.عليم ڊار چيو ته ايشز سيريز جي امپائرنگ ۾ پريشر گهٽ هو جڏهن ته پاڪستاني ميچن ۾ پريشر وڌيڪ هوندو هو.
جيڪو ذهني طور مضبوط هوندو آهي اهو سٺو امپائر بڻجندو آهي: احسن رضا
امپائر احسن رضا چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڊي آر ايس بابت ماڻهن جا شڪ وڏي حد تائين دور ٿي ويا آهن، هڪ امپائر جي حيثيت سان ڊي آر ايس ٽيڪنالاجي کانسواءِ ڪجهه بيچيني محسوس ڪريان ٿو.هن چيو ته ڊوميسٽڪ ميچ ۾ به جيڪڏهن پوري ٽيم اپيل ڪري ٿي ۽ شڪ آهي ته هو ٽيڪنالوجي جي مدد کانسواءِ امپائرنگ نٿا ڪري سگهن.
منهنجي خواهش آهي ته آءِ سي سي ايلٽ پينل ۾ شامل ٿيان، آصف يعقوب
ان موقعي تي امپائر آصف يعقوب جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ منهنجي لاءِ پهريون وڏو ايونٽ آهي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ غير جانبدار ٽيمن جي موجودگي سبب پريشر گهٽ آهي آصف يعقوب جو چوڻ آهي ته منهنجي خواهش آهي ته آءِ سي سي ايليٽ پينل ۾ جاءِ ٺاهيان.
ورلڊ ڪپ ۾ امپائرنگ لاءِ چونڊجڻ جي ڪا به اميد نه هئي، راشد رياض
ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊيل هڪ ٻئي امپائر راشد رياض چيو آهي ته هن ڪرڪيٽ کيڏندي امپائر بڻجڻ جو فيصلو ڪيو هو، ورلڊ ڪپ ۾ امپائرنگ لاءِ چونڊجڻ جي ڪا به اميد نه هئي.راشد رياض جو چوڻ آهي ته هو ورلڊ ڪپ ۾ بهترين ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، هو امپائرنگ دوران پنهنجي خاندان کي ياد ڪندو آهي، جيئن پي ايس ايل ڪرڪيٽرن لاءِ موقعا پيدا ڪيا آهن، تيئن امپائرن لاءِ به موقعا پيدا ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو