ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان ۾ کيڏيو پيو ويو جيڪو پاڪستان 7 وڪيٽن تان کٽي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. نيوزيلينڊ 153 رنز جو تارگيٽ ڏنو هو. آخري اوور جا پنج بال باقي هئا ته پاڪستان ميچ کٽي ورتي. محمد رضوان ۽ ڪپتان بابر اعظم اننگ جي شروعات ڪئي. ٻنهي اوپنرز پاور پلي ۾ شاندار راند ڪندي 6 اوورز ۾ بنا نقصان جي 55 رنز اسڪور ڪيون. پهرين اوور جي پهرين بال تي رضوان چوڪو ته هنيو پر رڳو ان اوور ۾ 7 رنز ٺاهي سگهيا. ان بعد بولٽ جي اوور ۾ بابراعظم جو سلپ ۾ ڪيچ پڪڙجي نه سگهيو ۽ ٻنهي بعد ۾ سينچري ناٽ آئوٽ پارٽنرشپ ٺاهي. ڪپتان بابر اعظم 7 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 53 رنز اسڪوڙ ڪري ٽرينٽ بولٽ جي بال تي ڊيرل مچلز هٿان ڪيچ ٿيو ۽ پاڪستان جي پهرين وڪيٽ تيرهين اوور ۾ 105 جي مجموعي اسڪور تي ڪري.
Babar Azam was dropped first ball off Trent Boult's opening over
The bowler gets the ???????? captain eventually, but not before the batter added 50+ runs to his tally! #NZvPAK
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) November 9, 2022
جنهن بعد رضوان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ محمد حارث آيو ته رضوان به 5 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ راند نيوزيلينڊ جي هٿن مان نڪرندي وئي. رضوان 43 بالن تي 57 رنز ٺاهي بولٽ جي بال تي گلين فلپس هٿان ڪيچ ٿيو.
Mohammad Rizwan has to go, after being caught by Glenn Phillips
Both openers got a fifty today for Pakistan! #NZvPAK #T20WorldCup
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) November 9, 2022
اٻنهي پاڪستاني اوپنرز ٽي ٽوئنٽي ۾ ٽيون ڀيرو سينچري جي پارٽنرشپ جو رڪارڊ به قائم ڪيو آهي. ٻنهي اوپنرز ڀارت ۽ نميبيا بعد هاڻي نيوزيلينڊ خلاف سينچري جو رڪارڊ ٺاهيو آهي.
Babar ???? Rizwan
The first duo to make three century stands at the #T20WorldCup ???? pic.twitter.com/Bk2qrfwA4J
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) November 9, 2022
اجنهن بعد شان مسعود آيو پر ميچ فنش ٿيڻ کان اڳ محمد حارث هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 26 بالن تي 30 رنز ٺاهي مچل سينٽنر جي بال تي فن ايلن هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد افتخار احمد آيو ۽ پاڪستان آخري اوور جي پهرين بال تي ميچ کٽي ورتي. اگر مگر واري صورتحال مان نڪري پاڪستان سيمي فائنل کٽي وڏو اپ سيٽ ڪيو آهي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنز ٺاهي سگهي. شاهين آفريدي پهرين اوور ۾ ئي 4 جي مجموعي اسڪور تي اوپنر فن ايلن کي ايل بي ڊبليو ڪيو. هن شاهين کي هڪ چوڪو هنيو ۽ آئوٽ ٿي ويو. ڊيون ڪانوي ۽ ڪين وليمسن ٽيم جو اسڪور اڳٽي وڌايو. 38 38 جي مجموعي اسڪور تي ڊيون ڪانوي به 3 چوڪن جي مدد سان 20 بالن تي 21 رنس ٺاهي شاداب خان جي شاندار ٿرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد ڪپتان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ گلين فلپس آيو. اٺين اوور ۾49 جي مجموعي اسڪور تي گلين فلپس8 بالن تي 6 رنز ٺاهي محمد نواز جي بال تي سندس هٿان ڪيچ ٿيو. ڪين وليم سن هڪ چوڪي ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 42 بالن تي 46 رنز ٺاهي شاهين آفريسدي جي بال تي بولڊ ٿيو. ڊيرل مچلز جارحاڻي راند کيڏندي هڪ ڇڪي ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان35 بالن تي 53 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. نيوزيلينڊ 20 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنس ٺاهي سگهي.
New Zealand recovered from early setbacks… but have they got enough to defend? #NZvPAK #T20WorldCup
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) November 9, 2022