پورٽ قاسم ايراضي اسڪينڊل، جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پورٽ قاسم اٿارٽي جي قيمتي زمين جي اسڪينڊل جي جاچ لاءِ 3 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي. سينيٽر فيصل واوڊا طرفان پورٽ قاسم اٿارٽي جي قيمتي زمين کي موجوده حڪومت جي دور ۾ ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو هو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پورٽ قاسم اٿارٽي زمين ننڍي ۽ وچولي انڊسٽريل پارڪ لاءِ ڏني وئي، زمين جي ليزنگ ۾ مالي بي ضابطگين جي جاچ 3 رڪني ڪميٽي ڪندي. چيئرمين وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن ڪميٽي جي جا ڪنوينر مقرر ڪري ڇڏيا. جڏهن ته ڊائريڪٽر آءِ بي سراج الدين امجد ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سيد شاهد حسين جاچ ڪميٽي جو حصو هوندا. ڪميٽي کي خصوصي ٽاسڪ به ڏنو ويو جنهن جي تحت ڪميٽي ليز کي ملتوي ڪرڻ خلاف حڪم امتناعي کي ختم ڪرڻ لاءِ پورٽ قاسم اٿارٽي کي قانوني حڪمت عملي جو جائزو وٺندي ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي بورڊ طرفان مدعي سان عدالت کان ٻاهر معاهدو ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ ۾ غور ڪندڙ عوامل جي جاچ جي مجاز هوندي.ڪميٽي خاص طور تي ٻين قانوني معاملن جو عدالت کان ٻاهر تصفيه جي حمايت ڪرڻ جو به جائزو وٺندي. ٽي او آرز موجب ڪميٽي جاچ ڪندي ته پورٽ قاسم اٿارٽي معاهدي کان اڳ زمين جي قيمت جو نئين سري سان جائزو ورتو ۽ جاچ ڪندي ته ڇا موجوده مارڪيٽ قيمتن کي فيصلي ۾ شامل ڪيو ويو. ٽي او آرز موجب ڪميٽي انهي ڳالهه جو تعين ڪندي ته عدالت کان ٻاهر معاهدي جي آڇ تي مدعي جي انڪار تي فوري واپس ڇو نه ورتا ويا. ڪميٽي دير ۾ مددگار ثابت ٿيندڙ گورننس جي مسئلن جي نشاندهي ڪندي. ڪميٽي جاچ ۾ مدد لاءِ ضرورت موجب ڪنهن ٻئي ميمبر کي شريڪ ڪري سگهي ٿي. سامونڊي معاملن واري وزارت، سيڪريٽريل مدد فراهم ڪندي. انڪوائري ڪميٽي ٻن هفتن جي اندر وزيراعظم کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.ياد رهي ته سينيٽ جي قائمه ڪميٽي ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جو وڏو اسڪينڊل سامهون آيو هو جنهن جو فيصل واوڊا طرفان وڏو انڪشاف ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو