پوليس آفيسر جي بدلي تي پنجاب ۽ وفاق ۾ پهريون ٽاڪرو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ۾ پهريون ٽاڪرو لاهور جي ڊي آءِ جي، جي بدلي تي پيدا ٿي پيو آهي. مريم نواز بطور چيف منسٽر لاهور جي دي آءِ جي آپريشنز علي ناصر رضوي کي رليو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم سينئر وڪيلن ۽ ڪامورن سان مشاورت کانپوءِ آءِ جي اسلام آباد طور تعينات ٿيندڙ رضوي کي رليو نه ڪرن جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي چوڻ تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسلام آباد جي آءِ جي اڪبر ناصر کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي علي ناصر رضوي کي لاهور مان بدلي ڪري اسلام آباد جي آءِ جي طور مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. اسلام آباد جي آءِ جي اڄ چارج ڇڏي ڏني پر نئين آءِ جي چارج ناهي ورتي ۽ سندس مقرري رولڙي ۾ پئجي وئي آهي. مرين نواز جو چون آهي ته وفاقي حڪومت کيس اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ايئن نٿي ڪري سگهي ۽ اهڙو حڪم پنجاب حڪومت جي اختيارن ۾ مداخلت ۽ کيس باءِ پاس ڪرڻ برابر آهي. محسن نقوي جنهن کي طاقتور حلقن جي مڪمل حمايت آهي گذريل هفتي پنجاب حڪومت جي گڏيل حمايت سان آزاد حيثيت ۾ سينيٽر چونڊيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو