ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري هلندڙ پوليو مهم جو جائزو ورتو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سچل ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري ماڻهن کان پوليو مهم بابت ڄاڻ ورتي ۽ گھرن تي لڳل نمبر ۽ ٻارن جا فنگر مارڪ چيڪ ڪيا.ان موقعي تي چيف سيڪريٽري کي سچل ڳوٺ ۾ ھڪ پوليس ملازم جي گھر مان 11 ٻارن کي پوليو ڦڙا پيئارڻ کان انڪار بابت ورڪرن پاران آگاهي ڏني وئي. چيف سيڪريٽري سنڌ اڄ ئي سڀني ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ جي ھدايت ڪندي چيو پوليس اهلڪار جا تفصيل طلب ڪيا. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه پوليس ملازم جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته پوليس اھلڪار ٻارڙن کي ڦڙا نه پيئاريا ته کيس معطل ڪيو ويندو. هن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ ڊي ايڇ او انڪاري والدين کي پوليو ڦڙا پيئارڻ تي راضي ڪن، ڦڙا پيئارڻ کان بار بار انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. آصف حيدر شاهه چيو ته پوليو مهم 3 کان 9 فيبروري تائين جاري رهندي، مهم دوران 1 ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا.
ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ تيار آهيون
50 هزار نون اهلڪارن کي ڀرتي ڪرڻ جو ارادو آهي،لنجار
ٺل ڀرسان پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان مارجي ويو
وفاقي وزيرن جي پگهارن ۾ به وڏي واڌ جو امڪان، سمري تيار
مولانا سان عباسي جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججن جي اچڻ کانپوءِ وڏي پئماني تي انتظامي ڦيرڦار
وزيراعظم جو يوٽيليٽي اسٽورز کانسواءِ رمضان پئڪيج آڻڻ جو اعلان
عمران خان جي خط جو رسپانس ملي ٿو ته اسان ان جي آجيان ڪنداسين
پيڪا ايڪٽ ۾ ترميمون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
عمران خان طرفان آرمي چيف کي لکيل خط اڃا تائين کيس ناهي مليو
حڪومت جو 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان
فاطمه ڦرڙو جي وارثن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو
پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين خلاف ڪارروائي جو فيصلو
سنڌ سرڪار طرفان وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو
بحريا ٽائون کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ جاري نوٽيس معطل
شاهپورچاڪر ,بٺي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڀاءُ قتل
آرمي ايڪٽ موجب فوجي عدالتن جا اختيار ڪهڙا آهن؟
ٻيڙي حادثي ۾ مليل 13 لاشن جي سڃاڻپ، پاڪستاني نڪتا
آرمي چيف کي لکيل باني جي خط جو جواب ڏسنداسين: علي امين
گذريل 12 مهينن ۾ ملڪي معيشيت مستحڪم ٿي آهي: محمد اورنگزيب