پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ ڪراچي جي عدالت پوليو ورڪرز ٽيم تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سمورن جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.ٻڌڻي دوران پوليس 4 عورتن سميت 6 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت پوليس جي جوابدارن جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي سمورن جوابدارن جي 10، 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جوابدارن خلاف داخل ڪيس جون شقون قابل ضمانت آهن.ٻڌڻي دوران پوليس اهلڪارن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي عورتون ڪاوڙ ۾ اچي پوليو ٽيم تي حملو ڪري ڏنيون، جوابدارن پوليس اهلڪارن جا يونيفارم به ڦاڙيا.پوليس موجب جوابدار خلاف ڪورنگي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي 14 ڏينهن ۾ چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو