ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيرس اولمپڪس ۾ چين 18 گولڊ ميڊلز سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته آمريڪا 14 گولڊ ميڊلز سميت 63 تمغان سان ٻئي ۽ ميزبان ملڪ فرانس 12 گولڊ ميڊلن سان ٽئين نمبر تي آهي. پيرس اولمپڪس جي آفيشل ويب سائيٽ موجب اولمپڪس جي اٺين ڏينهن چين 40 تمغان سان سرفهرست آهي، جنهن ۾ 18 گولڊ، 13 سلور ۽ 9 برانز ميڊل شامل آهن. آمريڪا گذريل ٻن ڏينهن ۾ سٺي راند کيڏي ۽ 14 گولڊ ميڊلز ۽ 25 سلور ۽ 24 برونز ميڊلز سان ٻئي نمبر تي رهيو ۽ آمريڪا طرفان کٽيل تمغان جو ڪل تعداد 63 ٿي ويو. اولمپڪس جي نائين ڏينهن جي پڄاڻي تي، آمريڪا پنهنجي پوزيشن کي بهتر بڻائي ڇڏيو ۽ ميڊل ٽيل ۾ ٻيو نمبر حاصل ڪيو. فرانس 12 گولڊ، 14 سلور ۽ 16 برانز ميڊلز سان ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته آسٽريليا به هن وقت تائين 12 گولڊ ميڊل حاصل ڪيا آهن. چين هن وقت تائين ڊائيونگ ۽ شوٽنگ جي مقابلن ۾ چار چار گولڊ ميڊل کٽي چڪو آهي. ان کان علاوه، پاڙيسري هندستان تمغن جي ٽيبل تي 53 هين نمبر تي آهي ۽ هن وقت تائين ٽي برونز ميڊل کٽي چڪو آهي. منو ڀڪر، سربجوت سنگهه ۽ سومانيل ڪوسلي هندستان لاءِ برونز ميڊل کٽيا آهن. ٻئي طرف 25 سالن جي الجزائر جي باڪسر ايمان خلف، صنفي تڪرار جي مرڪزي ڪردار بڻيل آهي، هن الجزائر جي پهرين عورت ميڊلسٽ هجڻ جو اعزاز به حاصل ڪري ورتو آهي. هن 66 ڪلوگرام جي ڪيٽيگري ۾ هنگري جي اينالا هموري کي شڪست ڏئي برونز ميڊل حاصل ڪيو. ياد رهي ته پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان جي 7 مان 5 رانديگرن جو سفر ختم ٿي ويو آهي ۽ اولمپڪس ۾ پاڪستان جي واحد تمغي جي اميد جولين ٿرو ارشد نديم آهي. ياد رهي ته 1992ع کان وٺي پاڪستان اولمپڪس ۾ ڪو به ميڊل نه کٽيو آهي. گيمز جي سربراهي رٽائرڊ فوجين وٽ آهي جن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي. فرانس م جاري اولمپڪس ۾ رانديگرن کان وڌيڪ آفيشل ويل آهن. رانا ثناءُ الله خاندان سميت ويل آهي جنهن جي سير سپاٽن جون ويڊيو به وائرل ٿيون آهن.
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع