پيرس اولمپڪس ۾ جاپان جي چوٿين ڏينهن به برتري برقرار

پيرس (ويب ڊيسڪ)پيرس اولمپڪس جي چوٿين ڏينهن جاپان جي برتري برقرار رهي، ٻن ڏينهن کانپوءِ آمريڪي ٽيم پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، اولمپڪس جا ٽي نوان رڪارڊ به ٺاهيا ويا.پيرس اولمپڪس جي چوٿين ڏينهن شوٽنگ ۾ پهريون گولڊ ميڊل سربيا جي نالي رهيو، جيڪو ٽين ميٽر ايئر پستول جي مڪسڊ ٽيم ايونٽ ۾ به سربيا کي 16، 14 جي اسڪور سان شڪست ڏئي گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو. ساڳئي ايونٽ ۾ ڀارت برونز ميڊل حاصل ڪيو.مردن جي ٽريپ شوٽنگ ايونٽ ۾ برطانيا جي نيٿن هيلز 48 پوائنٽس اسڪور ڪري نئون اولمپڪ رڪارڊ قائم ڪري گولڊ ميڊل کٽي ورتو، جڏهن ته اڳوڻو رڪارڊ چيڪ ريپبلڪ جي هڪ شوٽر وٽ هو جنهن ٽوڪيو اولمپڪس ۾ 43 پوائنٽون حاصل ڪيون هيون.چين چانديءَ جو ۽ گوئٽي مالا برانز جو تمغا کٽيو.ٽيبل ٽينس جي مڪسڊ ڊبلز ۾ چين اتر ڪوريا کي 4-2 تان شڪست ڏئي سلور ۽ تاجڪستان برانز جو تمغا حاصل ڪيو.عورتن جي جوڊو جي 63 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ سلوينيا جي اينڊريا لسڪي گولڊ ميڊل، ميڪسيڪو سلور ۽ ڪوسوو برونز ميڊل کٽيو.گيمز ۾ ٻن ڏينهن جي مقابلي کانپوءِ آمريڪا پهريون گولڊ ميڊل کٽي ورتو، عورتن جي آرٽسٽڪ جمناسٽڪ ۾ آمريڪا گولڊ ميڊل کٽيو، ايونٽ ۾ اٽلي چاندي ۽ برازيل برازيل کٽيو.نيوزيلينڊ وومينز رگبي سيونز ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو، فائنل ۾ نيوزيلينڊ ڪئناڊا کي 19 جي مقابلي ۾ 12 پوائنٽس تان شڪست ڏئي برونز ميڊل کٽيو، عورتن جي رگبي سيونز ۾ برونز ميڊل آمريڪا کي مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو