پيرس ڪميون، جديد دور جو پھريون ڪميونسٽ انقلاب

گل محمد منگي
18-مارچ 1871ء جي صبح جو جڏھن پيرس جي ماڻھن جي اک کلي ته ھر طرف “انقلاب زنده آباد” جي نعرن سان سڄو شھر گونجي رھيو ھو جن جي ھٿن ۾ ڪارا ۽ ڳاڙھا جھنڊا ھئا جيڪي ھو نعرن جي گونج ۾ ڦڙڪائي رھيا ھئا ۽ انٽرنيشنل جا ترانا ڳائي رھيا ھئا ـ ھر مک تي اميد جي ھڪ نئين مرڪ وکريل ھئي ۽ پوري شھر ۾ عيد کان وڌيڪ رونق ھئي ـ چرچ لاء وقف جاگيرون ضبط ٿي چڪيون ھيون ۽ پادرين کي حڪم ٿيو ته ھو فوري طور تي ڪم ۽ ڌنڌي سان لڳي وڃن ـ ھر بالغ مرد توڙي عورت کي ذميواري ورھائي ڏني وئي ۽ ڪو به بيروزگار نه ھوـ جن پادرين ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو انھن ڀڄي جان ڇڏائي ـ ڪميون چئن قسمن جي برابري يا اشتراڪيت فوري طور تي ڪري ڇڏي جنھن ۾ سياسي برابري, سماجي برابري, انساني برابري ۽ معاشي برابري شامل ھئي ـ پيرس جا شھري خوش ھئا ڇاڪاڻ ته ھنن جي مرضي جو انقلاب اچي چڪو ھو جنھن بابت پيرس ڪميون جو عظيم معمار جناب ايلائيس ريڪلس لکي ٿو ته “اڄ ھر ماڻھون کي پنھنجي قسمت پاڻ تعمير ڪرڻ جو حق ملي چڪو آھي”ـ
دراصل فرانس کي جرمني جي ھٿان شڪست ملڻ کانپوء فرانس جا شھري نون حڪمرانن تي سخت ڏمريل ھئاـ جن جرمني جا جنگ بندي بابت اڻ وڻندڙ شرط مڃي صلح جي ٺاھ تي صحيح ڪري ڇڏي ۽ نتيجي ۾ عوام کي ان ٺاھ تي وڏا اعتراض ھئا ۽ ان معاملي ۾ پيرس جي شھرين پاران شھر جي حفاظت لاء جوڙيل “نيشنل گارڊز” ۾ وڏو اضطراب موجود ھوـ اھڙي صورتحال ۾ پورھيتن جي عالمي تنظيم انٽرنيشنل ورڪنگ مينز ايسوسي ايشن جنھن کي فرسٽ انٽرنيشنل به چيو ويندو آھي ان تنظيم پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پيرس ۾ قائم ان جي سيڪشن سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون ـ جيتوڻيڪ اھم ڪامريڊ اڳواٽ گرفتار ٿي چڪا ھئا پر جيئن ته انقلاب ڪڏھن به وڏن وڏن ليڊرن جو انتظار نه ڪندو آھي انڪري پيرس جي شھرين به ڪنھن جو انتظار نه ڪيو! ايلائيس ريڪلس جيڪو پيرس جو امير ڪبير شخص ۽ نظرياتي طور تي انارڪسٽ ھو تنھن “ھر شخص پنھنجي قسمت پاڻ بدلائڻ لاء بااختيار ھوندو” جي نعري ھيٺ ھن عظيم انقلاب جو خاڪو جوڙيو جنھن کي پيرس ڪميون جو بعد ۾ معمار به قرار ڏنو ويوـ جڏھن ته خاتون انارڪسٽ ۽ اسڪول ٽيچر ليوئس مشعل, نٿالي ليميل, اين جيڪلارڊ ۽ ٻين عورتن گڏجي عورتن جي ھڪ برگيڊ تيار ڪري ورتي جنھن جي ذميواري شھر جي حفاظت ڪرڻ ھوـ پيرس ڪميون جو عورتن ۽ مردن جي ھڪ جيتري ۽ ھڪ جھڙي اشتراڪي برابري وارو مشھور اعلان جيڪو ڪميون برپا ٿيڻ کان ٿورو اڳ جاري ڪيو ويو ھو ان جو سھرو به گھڻي ڀاڱي ليوئس مشعل جي سر تي وڃي ٿوـ
پيرس ڪميون جي ابتدا 18-مارچ 1871ء تي ان وقت ٿي جڏھن جرمن فوج جي حملن کان پيرس شھر جي حفاظت لاء نصب ڪيل توپون کڻائڻ لاء آيل فوجن ۾ شامل ٻن فرينچ جنرلن کي انقلابي نيشنل گارڊ جي دستن قتل ڪري ٻين کي گرفتار ڪري ورتوـ اھا ڪارروائي ٿيڻ شرط پيرس جي شھرين ھڪ اھڙي انقلاب کي برپا ڪري ورتو جنھن ۾ نه ته ڪو صدر ھو, نه وري وزيراعظم يا ڪو ٻيو سربراه مملڪت يا حڪمران ھوـ ايلائيس ريڪلس لکيو ته “ھاڻي ماڻھن کي پھريون ڀيرو اھو موقعو مليو آھي ته ھرڪو برابري ۽ اشتراڪيت جي بنياد تي وڃي پنھنجي قسمت پاڻ ٺاھي ۽ ڪنھن کي به اھو اختيار نه آھي ته ھو ڪنھن ٻئي ماڻھون جي قسمت ٺاھڻ لاء اختيار ھٿ ۾ کڻي”ـ ڪارل مارڪس پنھنجي مشھور تصنيف “سول وار ان فرانس” ۾ لکيو آھي ته “پيرس ڪميون جديد دور جو پھريون ڪميونسٽ انقلاب” آھي ۽ ان کي ڪچلڻ وارا ياد رکن ته ھاڻي اھڙا ڏھ ڪميون ٺھندا ۽ دنيا ڏٺو ته ڪارل مارڪس جي اھا پيشنگوئي اڳتي ھلي سچ ثابت ٿي پر پوء اڳتي ھلي اھي ڏھ ڪميون جن ۾ باويريا سوويت ڪميون, انڊپينڊنٽ انارڪسٽ ڪميون, ڏکڻ يوڪرين, ليو ٽالسٽائي وارن جو ماسڪو لڳ لائيف ۽ ليبر سميت تمام ڏھن ئي ڪميونز کي روسين اھو چئي برباد ڪري ڇڏيو ته جڏھن عالمي سطح تي اھڙي صورتحال جڙي ته پوء گڏجي ڪميون جوڙينداسين ۽ پوء دنيا ڏٺو ته ڪھڙي طرح اھي سموريون رياستون ڪميون بجاء رضاڪارانه طور تي سرمائيداري ڏانھن ھليون ويون ـ
پيرس ڪميون جيتوڻيڪ صرف 72 ڏينھن ئي برقرار رھي سگھيو پر ڏسڻو اھو آھي ته ھن انقلاب آخر اھڙو ڇا ڏنو جو ڪارل مارڪس سميت سموري دنيا جي انقلابين اتفاق راء سان ان کي مڪمل ڪميونسٽ انقلاب قرار ڏنو؟ دراصل سڀ کان پھرين ته پيرس ڪميون ھڪ اشتراڪي ڪميونسٽ معاشرو ڏنوـ پيرس ڪميون پھرين ڀيرو چرچ جون زمينون ضبط ڪري پادرين کي ڪم سان لاتوـ پيرس ڪميون ڪرائي تي ڏنل جاين جي مسواڙ ضبط ڪري انھن کي بي گھر شھرين جي حوالي ڪيو ۽ اشتراڪيت قائم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ان کي سرمائيداري ۽ رياست جي متبادل طور ڪميونسٽ سماج تسليم ڪيو ويوـ ٻيو ته خود ڪارل مارڪس به پيرس ڪميون جي ئي پيداوار آھي جو ھن جڏھن ڪتاب سول وار ان فرانس لکيو ته ھو پوري يورپ ۾ مشھور ٿي ويو جڏھن ته فرسٽ انٽرنيشنل جو صدر جارج اودگر جنھن ڪميون جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اھو وقت کان اڳ برپا ڪيو ويو آھي اھو مڪمل طور تي پسمنظر ۾ ھليو ويوـ ٽيون اھو ته جنگي حالتن جي باوجود پيرس ڪميون اپريل ۾ ئي مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون ۽ پيرس جي ميونسپل ڪميٽي جي اليڪشن ۾ نه صرف عورتن دنيا جي معلوم تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ووٽ جو حق استعمال ڪيو بلڪه عورتن جو وڏو تعداد اليڪشن ۾ کٽي آيوـ
چوٿون اھو ته پيرس ڪميون دنيا کي پھريون ڀيرو “لا ڪميون” ۽ انقلاب زنده آباد” جا نعرا ڏنا جيڪي اڄ به پوري دنيا ۾ گونجي رھيا آھن ـ پنجون اھو ته پيرس ڪميون سڄي دنيا جي انقلابين کي “انٽرنيشنل ترانو” ڏنو جيڪو عظيم انارڪسٽ شاعر ۽ ڪميونارڊ “يوجين پوٽيئر” جو لکيل آھي ـ ۽ ڇھون پيرس ڪميون جو اھو عظيم اعلان آھي جيڪو جنگ ھلندي جاري ڪيو ويو ھو ۽ ان اعلان جي ڪري ھن کي مڪمل ڪميونسٽ انقلاب ھجڻ جو شرف به حاصل ٿي ويو ۽ اھو اعلان آھي “اڄ کان فوج جي اداري کي ختم ڪيو وڃي ٿو”ـ اھڙي سنگين ۽ ڏکي صورتحال ۾ اھو اعلان ڪرڻ پيرس ڪميون جي عظيم انقلابين جي ڪميونزم سان سچائي جو سڀ کان وڏو ثبوت آھي ـ
جڏھن انقلاب مخالف قوتن ڏٺو ته جيڪڏھن پيرس ڪميون بچي ويو ته ھو انھن جي رياستن کي کائي ويندو ڇو ته رياست ۽ ڪميون ھڪٻئي جا دشمن آھن ته ان کي روڪڻ لاء جرمن حڪمرانن تاريخ جو ھڪ عجيب فيصلو ڪيو ۽ اھو فيصلو گرفتار فرينچ آرمي کي فوري طور تي آزاد ڪري انھن کي جديد ھٿيارن سان ليس ڪري ڪميون جي مٿان حملو ڪرائڻ ھوـ نه صرف جرمني پر پولينڊ, ھنگري ۽ ٻين يورپي ملڪن به ڪميون دشمني جي ڪري فرينچ فوج جي مدد ڪئي ـ اھو حملو شايد پوء به ڪامياب نه وڃي ھا اگر ڪو ڪميون دشمن جاسوس سرڪاري فوج کي ان رستي کان شھر ۾ داخل نه ڪرائي ھا جتي خطرو نه ھجڻ سبب ڪميون جا دستا موجود نه ھئا ۽ شھر جي ان حصي ۾ ٿوري تعداد ۾ محافظ مقرر ڪيا ويا ھئا ـ اھڙي طرح دشمن کي شھر اندر داخل ٿي حملو ڪرڻ جو موقعو ملي ويوـ
خوني ھفتو; اوچتو شھر ۾ گھڙي آيل دشمن جي فوجين جي مقابلي لاء موجود ڪميون جي دستن بي جگري سان مقابلو ڪيوـ انڪري 21 مئي کان 28 مئي 1871ء تائين جاري ويڙھ کي خوني ھفتي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿوـ
ان خوني ھفتي دوران جاري ويڙھ ۾ ھزارين انقلابي مارجي ويا جن ۾ وڏو تعداد عورتن جو به ھيوـ ڪجھ عورتن کي ڦاسي ڏني وئي جنھن بابت ڪارل مارڪس پنھنجي مشھور تحرير “سول وار ان فرانس” ۾ لکي ٿو ته معلوم تاريخ ۾ عورتن جي قرباني جو اھڙو مثال نه ٿو ملي جھڙو پيرس ڪميون جي ويڙھاڪ عورتن پيش ڪيو آھي ـ دراصل پيرس ڪميون اھو عظيم انقلاب آھي جنھن انارڪسٽن توڙي ڪميونسٽن تان “يوٽوپيا” ھئڻ وارو داغ ھميشه لاء ڌوئي ڇڏيوـ پيرس ڪميون کان اڳ دنيا جا رجعت پرست جاگيردار ۽ سرمائيدار ترقي پسند ڪارڪنن کي اھو طعنو ڏيندا ھئا ته اوھان جو اھو معاشي نظام ڪٿي آھي, اسان کي به ھڪ دفعو ڏيکاريو ته مڃون ـ پيرس ڪميون ۾ جيتوڻيڪ ھڪ به مارڪسسٽ حصو نه ورتو پر پوء به مارڪس لکيو ته پيرس ڪميون وارو نظام اسان جو نظام آھي ۽ پيرس ڪميون جديد دور جو پھريون ڪميونسٽ انقلاب آھي, جنھن کان پوء طعنو ڏيندڙ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جا وات ھميشه ھميشه لاء بند ٿي وياـ
انٽرنيشنل تراني جي خالق يوجين پوٽيئر چيو ته افسوس! اڄ اسان کان اھي نعمتون ڦرجي ويون جيڪي اسان وڏين قربانين سان حاصل ڪيون ھيون پر اھو ڏينھن پري نه آھي جو اسان ھڪ دفعو وري اٿي کڙا ٿينداسين ۽ پنھنجون ڦرجي ويل نعمتون ضرور ٻيھر حاصل ڪنداسين جيڪي اسان کي پيرس ڪميون ڏنيون ـ

پهنجو تبصرو موڪليو