پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر گهٽتائي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 15 اپريل تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 254 رپيا 63 پئسا في ليٽر ٿي ويندي.ڊيزل جي قيمت برقرار رکي وئي آهي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 258.64 تي برقرار رهندي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو