پيٽروليم واري وزارت جا آفيسر پيش نه ٿيا،عدالت جي ڪاوڙ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گئس جي ذخيرن ڀرسان ڳوٺن کي گئس فراهم ڪرڻ واري ڪيس ۾ پيٽروليم واري وزارت جي عملدارن خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.ايس ايس جي سي ايل انڪشاف ڪيو آهي ته پيٽروليم واري وزارت اڃا تائين ڳوٺن کي گئس جي فراهمي لاءِ فنڊ فراهم نه ڪيا آهن.عدالت چيو ته پيٽروليم واري وزارت، ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري ايس ايس جي سي ايل ڪو فنڊز جي فراهمي کي يقيني بڻائي، ايس ايس جي سي ايل کي 423 ملين کان وڌيڪ رقم فراهم ڪئي وڃي.عدالت حڪم ڏنو ته رقم فراهم نه ڪرڻ تي وفاقي سيڪريٽري پيٽروليم ۽ ناڻي واري سيڪريٽري پيش ٿين.جسٽس ڪريم خان آغا چيو ته جيڪڏهن موجوده حڪومت ناهي ته نگران سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿين.ان معاملي تي پيٽروليم واري وزارت چيو ته ايس ايس جي سي ايل کي فنڊ ڏيڻ لاءِ 2 هفتن جو وقت ڏنو وڃي.عدالت ايس ايس جي سي ايل عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ پئسا آيا آهن؟ جنهن تي ايس ايس جي سي ايل چيو ته اسان کي هن وقت تائين ڪا به رقم نه ملي آهي.عدالت پيٽروليم واري وزارت کي چيو ته ايس ايس جي سي ايل کي 423 ملين کان وڌيڪ رقم فراهم ڪئي وڃي ته جيئن ايس ايس جي سي ايل ويجهن ڳوٺن کي گئس فراهم ڪري سگهي.پيٽروليم واري وزارت جي وڪيل چيو ته رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ٻڌو، توهان رڳو نگران حڪومت جو انتظار ڪري رهيا آهيو.جسٽس ڪريم خان آغا رمارڪس ڏنا ته اسان جو حڪم پسند نه آيو ته سپريم ڪورٽ وڃو.عدالت طرفان استدعا ڪئي وئي ته عدالتي حڪم سيڪريٽري پيٽروليم ۽ سيڪريٽري ناڻي کي به موڪليا وڃن.عدالت پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جي گئس جي معاملي تي ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟ سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته اسان ان معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو