پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ هن ڀيري به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ساڍا 5 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 58 پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.تيل ڪمپنين جي ذريعن موجب ڊيزل جي اگهه ۾ في ليٽر في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.ياد رهي ته پهرين نومبر تي پيٽرول هڪ رپيو 35 پئسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 85 پيسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو هو.ملڪ ۾ هن وقت پيٽرول جو اگهه 248 رپيا 38 پيسا، ڊيزل 255 رپيا 14 پيسا ۽ گاسليٽ جي قيمت 161 رپيا 54 پئسا في ليٽر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو