پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري

ليه (ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي، مدرسن جي رجسٽريشن بل پارليامينٽ منظور ڪيو هو، صدر ڏانهن بل اماڻيو ته آبجيڪشن لڳائي موٽائي ڇڏيو، اها آهي توهان جي جمهوريت، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ؟ جي يو آءِ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالغفور حيدري جو ليه ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته ياد رکو، توهان ڀلي ڪجهه به ڪيو، ديني مدرسا بند نه ٿيندا، بل تي اسان زبردستي به صحيح ڪرائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو