ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري واري علائقي ۾ ڪراچي جي ميئر بيريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد نئين تعمير ٿيل جِي الانا روڊ جو افتتاح ڪيو.ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد سان گڏ لياري واري علائقي ۾ نئين تعمير ٿيل غلام علي الانا روڊ جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بيريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلزپارٽي جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪرڻ آهي. اسان عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي بلاول ڀُٽو زرداري جي حڪمن تحت عوامي خدمت جون ڪم ڪيون پيا. هن چيو ته جي الانا روڊ جي نئين سر اڏاوت سان علائقي واسين کي سفري سهولتون مليون آهن، هن روڊ سميت ٻيا ڪيترائي ترقياتي منصوبا تمام جلد مڪمل ڪيا ويندا. ڪراچي جي ميئر جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي سدائين عوام جي خدمت وارو رستو اختيار ڪيو آهي اسان سياسي تنقيد بدران ڪم کي ترجيح ڏيندا آهيون. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومت ۽ انتظاميا عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ متحرڪ طريقي سان ڪم رهي آهي، نه رڳو هي روڊ پر پيور بلاڪ ۽ سيوريج نظام کي به بهتر ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته قديمي جناح پُل جي مرمت جو به ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي تمام جلد اهو به مڪمل ڪيو ويندو. ڪيماڙي پورٽ ڏي ويندڙ رستو به نئين سر تعمير ڪيو پيو وڃي جيڪو جنهن جو افتتاح به ايندڙ آچر تي ڪيو ويندو. هن ڪراچي جي ڀتين تي لڳل نجي اشتهارن بابت ڳالهائيندي چيو ته منهنجي سڀ کان پهرين ترجيح آهي ته ڪراچي جي ڀتين تان شگر جو علاج، محبوبا توهان جي قدمن ۾ ۽ بواسير جي علاج توڙي مرداڻي ڪمزوري واري اشتهارن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا به ڀت خالي نه ڇڏيون، ڇو ته جيڪا به ڀت خالي هوندي آهي ته يا ته اهڙا اشتهار لکجي ويندا آهن يا وري ڪو پان ۽ گٽڪي وارو دوست وات سان پچڪار ڪڍي ڀت تي گلڪاري ڪري ويندو آهي. پيپلزپارٽي اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسان جو مقصد آهي ته ڀتين کي سينگاريو وڃي. انشاءَ الله تمام ٿوري وقت ۾ ڪراچي جي ڪنهن به ڀت توهانکي اهڙو ڪو به اشتهار نظر نه ايندو. شهر جي هر جاءِ تي شهر جي خوبصورتي جي عڪاسي ڪئي ويندي. ملير اسڪسپريس وي بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي عوام سان جيڪو واعدو ڪيو ان تحت يارهن جنوري تي بلاول ڀٽو زرداري صاحب قيوم آباد کان شاهه فيصل ڪالوني انٽرچين تائين جو افتتاح ڪيو، انشاءَ اڪٽيهه مارچ تي ايڪسپريس وي جو قائدا آباد تائين افتتاح ڪيو ويندو ۽ ايڪٽيهه ڊسمبر تائين اهو رِنگ روڊ ڪاٺوڙ تائين مڪمل ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڻيءَ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حب مان 12.8 ارب رپين جي نئين لائين حب ڪينال آڻينداسين. ڪراچي وارن سان اهو واعدو آهي ته آگسٽ ٻه هزار پنجويهه تائين ان نئين ڪينال کي به مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن پاڻي جي هاڻوڪي سپلاءِ سٺ ايم جي ڊي کي وڌائي ان ڪينال ذريعي سئو ايم جي ڊي پاڻي مهيا ڪيو ويندو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن ايڊيشنل ججن حلف کڻي ورتو
سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت
گوادر جو نئون ايئرپورٽ فعال، ڪراچي مان پهرين اڏام جي لينڊنگ
ٽرمپ جي حلف برداري، اھم يورپي اڳواڻن کي دعوت ئي نه ملي
حج 2025 جي تيارين ۾ ڪا به غفلت قبول نه ڪئي ويندي
عورتن جي تعليم تي شريعت ۾ پابندي ناهي، اسڪول کوليو
فارم 45 يا 47 ۾ فرق آهي ته پوءِ هڪ ته درست هوندو، جاچ ڪرڻي پوندي
مني ٽريل ثابت ڪرڻ ڏکيو آهي، فائز عيسيٰ به اهو نه ڪري سگهيو
اسڪولن جو دورو،تعليم جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪريون پيا:شاهه
شادي کان اڳ ماءُ جي اجازت سان پنهنجي مڙس سان مليس
ٽن ذهنن جي هڪ هوندي اڪيلو چيف ڪئين بهتر ٿي سگهي ٿو؟ عدالت
26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن کي گڏ ڪرڻ جي هدايت، ٻڌڻي ملتوي
گهر اندر فائرنگ، گمبٽ واسي 2 ڀائر قتل، 3 ڀائر زخمي
ٻٻرلوءِ ويجهو چوري دوران مزاحمت تي 4 ڀاڳيا زخمي، احتجاجي ڌرڻو
بنگلاديش جي آل رائونڊر شڪيب الحسن جا گرفتاري وارنٽ جاري
ڪراچي کي پاڻي ڏيندڙ 72 انچ جي لائين بريڪ ڊائون سبب ڦاٽي پئي
گهوٽڪي پوليس بجلي چوري ڪندڙ ٽولي کي پڪڙي ورتو
قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام ٿيندو، 14 نڪاتي ايجنڊا جاري
نون سفيرن جي مقرري واري سمري وزيراعظم آفيس حوالي
سائيٽ ايريا هارون آباد ۾ فائرنگ، 2 ڀائر مارجي ويا، 3 زخمي