پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه عورتن جي حقن ۽ انهن جي تحفظ کي ترجيح ڏني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان انهن سڀني عورتن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي سماج ۽ ملڪ جي ترقي، استحڪام، ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه عورتن جي حقن ۽ انهن جي تحفظ کي ترجيح ڏني آهي، ۽ سنڌ حڪومت پارٽي جي منشور مطابق عورتن کي برابر حقن ۽ موقعن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.  عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن مطابق عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن. هن سلسلي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ اسڪيم تحت عورتن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي رهيو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته محترمه بينظير ڀٽو عورتن کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام متعارف ڪرايو هو، جيڪو اڄ به لکين عورتن ۽ ٻارن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي.  سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو آغاز ڪيو ته جيئن لکين ضرورت مند عورتن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي. اهڙي طرح، بي زمين هارين کي زمين ڏيڻ واري تاريخي پاليسي تحت عورت هارين کي به زمين ڏني پئي وڃي ته جيئن هو معاشي طور تي خودمختيار ٿي سگهن.  هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ گرلز ڪيڊٽ ڪاليجن جو قيام ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان عورتن کي تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته عورتن کي بي خوف ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي روزمره مصروفيتون جاري رکڻ لاءِ پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي. سنڌ حڪومت طرفان مستحق ۽ محنت ڪش عورتن کي مفت اي وي اسڪوٽيز فراهم ڪرڻ جو منصوبو متعارف ڪرايو پيو وڃي.سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ شهيد بينظير ڀٽو جو ويزن هو، ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ اسان ان ويزن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت طرفان عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون ته جيئن هو هر ميدان ۾ ترقي ڪري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو