پيڪا ايڪٽ جو مقصد سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ ) وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ جو مقصد ڪوڙين خبرن جو خاتمو ۽ سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي.لاهور ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي حلف برداري تقريب ۾ خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته پيڪا ايڪٽ ۾ دنيا جي بهترين طريقن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا جي خطرن کي روڪڻ جي لاءِ اهو هڪ سٺو قدم آهي. پيڪا ايڪٽ جو مقصد ڪوڙن خبرن جو خاتمو ۽ سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي.عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته صحافت جي آڙ ۾ سوشل ميڊيا کي آزاد نٿو ڇڏي سگهجي. انهي ايڪٽ ۾ ڪابه تڪراري شق آهي ته سامهون آندي وڃي اسان انهي تي ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. جلد ڊيجيٽل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ نجي شعبي مان نامزدگيون ڪيون وينديون. پريس ڪلب يا صحافي تنظيمن سان جڙيل صحافين کي انهي ۾ شامل ڪيو ويندو.اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته ادارن جا ملازم قومي اثاثو آهن، ملازمن جي محنت لگهن ۽ مهارتون ئي ادا جي ڪاميابي جون بنياد هونديون آهن. ڪرپشن ادارن کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچايو. حڪومت ادارن جي بهتري ۽ انهي کي منافعي بخش بنائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻِ رهيا آهن. اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ادارن کي منافعي بخش بنائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. صحافين کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل اولين ترجيح آهي.هن چيو ته پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي قومي ادارا آهن جيڪي عوام کي ڄاڻ جي فراهمي لاءِ بنيادي ذميوارين سان گڏوگڏ ملڪي نظرياتي سرحدن جا محافظ به آهن. موجوده جديد دور ٽيڪنالاجي جو دور آهي. اسان کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي اوليت ڏيڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو