پي آءِ اي جو اغوا ٿيل جهاز، الذوالفقار، مرتضيٰ ڀٽو ۽ دمشق جو قصو

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ) 2 مارچ 1981 تي ڪراچي کان پشاور ويندي پاڪستان انٽنيشنل ايئرلائينز جي اڏام نمبر 326 کي هائيجيڪ ڪري اڳ ۾ ڪابل ۽ بعد ۾ دمشق پهچايو ويو هو. هي جهاز الذوالفقار جي سلام آلله ٽيپو ۽ سندس 3 ساٿين اعوا ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ تڏهوڪي فوجي آمر جنرل ضياءَ الحق هائيجيڪرن جي مطالبي تي 54 سياسي قيدي آزاد ڪيا هئا جن م پيلز پارٽي، پي ايس ايف، اين ايس ايف، ڪميونسٽ پاٽي ۽ جيئي سنڌ سميت مختلف سياسي جماعتن جا قيدي شامل هئا. 2 مارچ کان شروع ٿيل هائيجيڪنگ وارو ڊرامو 14 مارچ تي تڏهن ختم ٿيو هو جڏهن پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ قيد 50 کان مٿي سياسي قيدي آزاد ڪري اڳ دمشق پهچايا ويا هئا. دمشق ۾ ان وقت حافظ الاسد حڪمران هو جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو جو دوست هو. ذوالفقار علي ڀٽو جو 1977 ۾ ضياءَ الحق تحتو اونڌو ڪري جيل م وڌو ۽ بعد ۾ قتل جي رٿا بندي جي ڪوڙي ڪيس ۾ کيس فاهي جي سزا ڏني وئي هئي. 1979۾ ڦاهي جي سزا بعد 1981 ۾ جهاز هائيجيڪ ٿيو هو. سڀني آزاد ٿي شام پهتل سياسي قيدين جي ميزباني حافظ الاسد ڪئي هئي، مرتضيٰ ڀٽو انهن سان ملاقات ڪئي هئي ۽ بعد ۾ سڀني کي شامي پاسپورٽ ٺاهي ڏنا ويا جن تي سفر ڪندي اڪثر ڪامريڊن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سياسي پناهه ورتي هئي. آزاد ٿيندڙن ۾ جيئي سنڌ جو اڳواڻقادر بخش جتوئي به شامل هو، جنهن بلغاريا ۽ بعد ۾ سوئيڊن ۾ پناهه ورتي هئي ۽ بعد ۾ کيس شهريت به ملي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو