اسلام آباد (بيورو رپورٽ) منصوبه بندي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت کي پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ڪاميابي ناهي ملي، ڪنهن به قومي اداري کي ڀُڳڙن جي مٺ تي وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته ڀارت ۾ به ايئر انڊيا جي نيلامي 3 کان 4 ڀيرا ٿي، پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪوڙي پروپيگنڊا سبب پي آءِ اي جي اها حالت ٿي آهي، يورپ ۽ برطانيه جا رستا کلندا ته پي آءِ اي جي حالت بهتر ٿي ويندي.هن چيو ته اڳوڻي هوا بازي واري وزير جي هڪ بيان سبب اسان کي اربين روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وفاقي وزير وزير چيو ته جيڪڏهن بجلي کي سستو ڪري عوام تائين پهچايو وڃي ته ان سان معيشت ۾ بهتري ايندي. سياري ۾ بجلي جي بلن ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملندو.هن چيو ته نوازشريف جي نااهلي جو فيصلو هڪ سياسي فيصلو هو جنهن جي سزا عوام ۽ سمورو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدليه جا جيڪي الائونسز وڌايا ويا آهن انهي جو جواب قانون وارو وزير ڏيندو. آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل هوندو.
سنڌيار سکر 13 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 نومبر 2024ع
عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر شھيد
واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو
وڪيلن جا پنهنجي اصيلن تي 609 ڪيس، عدالت کي ڳڻتيءَ
آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
شڪارپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي
گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت
صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي:بگٽي
يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو
27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف
عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي بمبار جو مُک سهولتڪار گرفتار
سرمائيڪاري جي اوٽ ۾ فراڊ، نيب سميت ٻين جا بيان حلفي طلب
محافظ به غير محفوظ، هٿياربند جي پوليس اهلڪارن کان ڦر
حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار
سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن
ايئرپورٽ حملي ڪيس جي جوبدارن جو جسماني رمانڊ منظور