پي آئي اي جي نجڪاري وري رولڙي جو شڪار

تحرير: سيد غلام مصطفي شاھ
پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين (PIA) کي خساري کان بچائڻ لاءِ حڪومت ان جا %60 شيئرز وڪرو ڪرڻ لاءِ پنج ڪمپنين عارف حبيب ڪارپوريشن، ايئر عربيه ڪمپني، وائي بي هولڊنگ پرائيويٽ، پاڪ ايٿنول پرائيويٽ ۽ بليو ورلڊ ڪنسورشيم کي ٻولي لڳائڻ لاءِ چونڊيو هو ۽ انهن ڪمپنين ڪلھ اسلام آباد ۾ 1:30 منٽن کان ٻولي لڳائي جيڪا شام 6:30 منٽن تي کولي وئي، جنهن مان صرف هڪ ڪمپنيءَ بليو ورلڊ ڪنسورشيم انهيءَ ٻوليءَ ۾ حصو ورتو ۽ پي آئي اي جا %60 شيئرز لاءِ ڏھ ارب جي ٻولي لڳائي، جڏهن ته حڪومت کي اندازو هو ته ان جا شيئرز گهٽ ۾ گهٽ 85 ارب تائين وڃڻ گهرجن پر ان جو سبب اهو نڪتو جو ٻين ڪمپنين ٻوليءَ لڳائڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ڏيکاري ۽ صرف ڏھ ارب جي ٻولي لڳي جيڪا حڪومت جي اندازي مطابق صرف %12 آهي. پي آئي اي ڪافي سالن کان خساري ۾ هلي رهي آهي ۽ حڪومت کي هر سال 270 ارب روپين جي ادائيگي ڪرڻي پوي ٿي جنهنڪري حڪومت ڪجهھ ڏينھن پهريان پي آئي اي سميت 25 ٻين به ادارن کي نجڪاريءَ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن حڪومت تي پوندڙ مالي ٻوجهھ گهٽ ڪري سگهجي.
معاشي ماهرن مطابق پي آئي جي نجڪاري آئي ايف جي شرطن تحت ٿي رهي آهي، آئي ايم ايف شرط رکيو هو تہ جيڪو ادارو منافع بخش نه هجي انکي خانگي ڪمپنين جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن ان ۾ اصلاح اچي سگهي. حڪومتي اميدن جي برعڪس ٻولي ته تمام گهٽ لڳي آهي هاڻي انهيءَ جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي. ٻئي طرف وري بليو ورلڊ ڪنسورشيم جي چيئرمين سعد نذير حڪومت ڌر لاءِ نيڪ خواهشات جو پڻ اظهار ڪيو آهي. هاڻي هي ٻولي جيڪا لڳي آهي اها تمام گهٽ آهي، ڪابينا انجي منظوري مشڪل ڏئي انکان علاوه لڳي ايئن رهيو آهي ته پي آئي اي کي وٺڻ لاءِ ڪير به سنجيده نه آهي ڇو ته صرف هڪ ڪمپنيءَ انهيءَ جي ٻولي لڳائي آهي. ٻين ڪمپنين جو اهو چوڻ هو ته حڪومت جون شرطون ڳريون آهن جنهن ڪري پي آئي کي خريد ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪمپني اڳتي نه آئي حڪومتي ڌر جو اهو پڻ چوڻ هو ته جيڪا ڪمپني پي آئي اي جا شيئرز خريد ڪندي انکي 14 هزار ملازم پڻ سنڀالڻا پوندا جن جون پگهارون يا ٻيون مراعتون پڻ ان خريدار کي ادا ڪرڻيون پونديون جنهنڪري ڪابه ڪمپني يا بزنس گروپ اڳتي اچڻ کان لنوائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ پي آئي اي کي خريد ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن جي ڪمپنين سان پڻ رابطو ڪيو ويو پر ڪنهن به ٻاهرين ڪمپنيءَ دلچسپي نه ڏيکاري.پي آئي مطابق سندن هڪ هفتي جو روينيو ئي ڏھ ارب ٿئي ٿو ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ٻولي لڳائيندڙ ڪمپني پڻ سنجيدہ نه هئي سو لڳي ايئن ٿو ته حڪومت پاڻ ئي ڪو منصوبو ٺاهي سفيد هاٿيءَ کي پالي.
ايوي ايشن جي ماهر افسر ملڪ مطابق ته اها ڏھ ارب جي لڳندڙ ٻولي به ڪا گهٽ ٻولي نه آهي، ڇو ته حڪومت جي طرفان 650 ارب روپين جو قرض پنهنجي ذمي کڻڻ کانپوءِ به اڃا پي آئي اي 200 ارب روپين جي قرضي آهي. ماضيءَ ۾ پي آئي اي ۾ مارڪيٽنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي سربراھ رهندڙ ارشاد غنيءَ انٽرنيشنل ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو ته ڪابه ڪمپني ايڏا وڏا پئسا ڀري شيئرز نه خريد ڪندي ڇاڪاڻ ته پي آئي اي پهريان ئي قرض ۾ ٻڏل آهي.بليو ورلڊ جي حوالي سان سندن چوڻ هو ته اگر هي ڪمپني خريداري ۾ دلچسپي ڏيکاري ٿي ۽ وڌيڪ ٻولي لڳائي ٿي ته هي ڪمپني ڪامياب ٿي سگهي ٿي چاڪاڻ ته انهن کي سڀڪجهھ هلندڙ سسٽم ملندو جنهنڪري ان م بهتري اچي سگهي ٿي. سندس جو چوڻ هو ته ٻولي گهٽ لڳل آهي ڪابينه انکي منظور نه ڪري ته بهتر آهي.
نجڪاري جي وزير عليم خان پي آءِ اي کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر حڪومت متبادل پلان به ناهي ڏنو ته آخر هر سال 270 ارب جو خسارو ڪيئن پورو ڪندي؟ هن وقت پي آءِ اي وٽ ڪل 32 جهاز آهن جن مان 16 گرائونڊ ٿيل آهن. في جهاز جي حساب سان امارات ايئر لائين جا 200 ملازم آهن پر هن وقت به پي آءِ اي وٽ 360 ملازم في جهاز آهن.
هن وقت جڏهن پاڪستان پاڻ قرض ۾ گهريل آهي ته ايڏي وڏي خساري وارن ادارن مان جان ڇڏائڻ يقينن سندن جي اولين ترجيح ته آهي پر ڪهڙي ڪاسٽ تي؟

پهنجو تبصرو موڪليو